Saturday , April 20 2024

پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪارڪنن جا ڪراچي ۾ ڌرڻا ۽ فائرنگ ڪيترائي ماڻهو زخمي

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر    سنڌسماءَچار) پابندي مڙهيل تنظيم جي لاهور ۾ ڌرڻن کانپوءِ ڪراچي مختلف علائقن ۾ به ڌرڻا، ڪجهه علائقن ۾ پوليس سان چڪريون، فائرنگ ۾ ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا بهب اطلاع. پابندي مڙهيل تنظيم جا ڪارڪن ڪراچي جي لياقت، آباد / لالوکيت، ماڙيپور روڊ، لياري ۽ اورنگي ٽائون نمبر هڪ وارن علائقن ۾ رستن تي نڪري آيا، جن ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ بند ٿي وئي. ڌرڻن وارن علائقن ۾ فائرنگ جا به اطلاع آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مريپور جي دعا هوٽل واري علائقي ۾ ڌرڻي دوران مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ دوران پوليس، رينجرز ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون ٿي پيون، جنهن دوران ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا آهن. اورنگي ٽائون نمبر هڪ واري علائقي ۾ به فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي. نمائش چورنگي تي ڌرڻي لاءِ پهتل ڪارڪنن کي پوليس ۽ رينجرز ڀڄائي ڇڏيو آهي.

مفتي منيب الرحمان جي هڙتال واري سڏ کانپوءِ ڪراچي ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، سمورن ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز، سي تي ڊي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي به الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، گورنر هائوس، سي ايم هائوس، سنڌ سيڪريٽريٽ، آءِ آءِ چندريگر روڊ سميت اهم هنڌن تي پوليس ۽ رينجرز جو گشت به وڌايو ويو آهي، شهر جي اڪثر علائقن ۾ پيٽرول پمپس به بند ڪيا ويا آهن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن ٻاهران به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *