Thursday , April 18 2024

”پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان کي عام معافي ملي سگهي ٿي“: صدر / پرڏيهي وزير

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) ”اسان تحريڪ طالبان پاڪستان / ٽي ٽي پي کي عام معافي ڏئي سگهون ٿا، جيڪا مشروط هوندي“، اهو چوڻ آهي پاسڪتان جي صدر عارف علوي ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو. صدر عارف علوي جي نجي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو کانپوءِ شاهه محمود قريشي هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيني چيو ته ”ٽي ٽي پي کي عام معافي ڏئي سگهون ٿا“، پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته، جيڪڏهن پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان خاطري ڪرائي ته اُهي دهشتگرد ڪارروايون نه ڪندا ته کين عام معافي ڏئي سگهجي ٿي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو اهو بيان صدر علوي طرفان پاڪستان جي هڪ انٽرويو کانپوءِ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اهڙو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي انٽرويو ۾ صدر عارف علوي چيو هو ته حڪومت پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي انهن ماڻهن کي ايمنسٽي / عام معافي ڏيڻ جو سوچي سگھي ٿي جيڪي هٿيار ڦٽا ڪري پاڪستاني آئين کي تسليم ڪن ۽ اهي دهشتگردي يا ڏوهن ۾ ملوث نه ٿين.

صدر عارف علوي جي انٽرويو کانپوءِ شاهه محمود قريشي پنهنجي انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته، تحريڪ طالبان پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي تسليم ڪري ته حڪومت کين معافي ڏيڻ تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته افغان جيلن مان ٽي ٽي پي جي قيدين جي آزادي جي خبرن تي ڳڻتي آهي پر طالبان طرفان پنهنجي سرزمين پاڪستان سميت ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جو اعلان سٺي ڳالهه آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته اسان اشرف غني حڪومت کي لاڳيتو ڪالعدم تنظيم ٽي ٽي پي جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪندو رهيو پر هن ڪو ايڪشن نه ورتو، هاڻ اسان ڏسي رهيا آهيون ته طالبان هنن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪن ٿا .

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *