Friday , April 26 2024

ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ ڪارڪنن پاران اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم تي حملي جي  ڪوشش

پيپلزپآرٽي وارا ايترو ڪن جيڪو سڀاڻي پاڻ به برداشت ڪري سگهن: وزيراعظم جو خاص معاون ارباب رحيم

 

ٽنڊو محمد خان ( خصوصي نمائندو    سنڌسماءَچار) ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ ڪارڪنن جو پوليس جي موجودگي ۾ اڳوڻي وڏي وزير ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ارباب رحيم تي مبينا حملي جي  ڪوشش، پي ٽي آءِ جا ٻه ڪارڪن زخمي، ارباب رحيم چيو آهي ته پ پ جي غنڊن حملي جي ڪوشش ڪئي، پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي، پنهنجي ڪارڪن کي صبر ڪرايو. وزيراعظم جي خاص معاون ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جَي ٽنڊي محمد جي دوري دوران پريس ڪلب آمد وقت پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن جو ارباب رحيم ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن تي مٽنڊو محمد خان جي دوري دوران پ پ جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ارباب رحيم مٿان حملي جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پوليس خاموش تماشو ڏندي رهي. پ پ ڪارڪن ارباب رحيم جي گاڏي ڏانهن وڌيا ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن سندن رستو روڪيو جنهن دوران ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿينديون رهيون.

واقعي بابت ارباب غلام رحيم چيو آهي ته پ پ جي غنڊن حملي جي ڪوشش ڪئي، اسان جي  ڪارڪنن کي مارڪٽ ڪئي وئي جنهن دووران ٻه ڪارڪن زخمي به ٿيا آهن. ارباب رحيم چيو ته حملي دوران پوليس اهلڪار خاموش تماشائي بڻيل رهيا، هنن پ پ جي ڪارڪنن کي روڪڻ ته ٺهيو پر جهيڙو ٽارڻ جي به ڪوشش نه ڪئي، مون پنهنجي ڪارڪنن کي روڪي معاملي کي وڌڻ کان روڪيو. ارباب غلام رحيم چيو آهي ته پيپلزپارٽي وارا ايترو ڪن جو سڀاڻي پاڻ به برداشت ڪري سگهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *