Wednesday , May 31 2023
uren

ٽنڊو الهيار ۾ بازارون کلڻ بعد ماڻهن جي پيهه، ڪرونا پکڙجڻ جو خدشو

ٽنڊو الهيار ۾ بازارون کلڻ بعد ماڻهن جي پيهه، ڪرونا پکڙجڻ جو خدشو

ٽنڊو الهيار( رپورٽ: سجاد حسين    سنڌسماءَچار) لاڪ ڊائون کلڻ جي پهرين ڏينهن ٽنڊوالهيار ۾ 5 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، بازارن ۾ ماڻهن جي پيهه سبب وڏي پئماني تي ڪرونا پکڙجڻ ج خدشو وڌي ويو. سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون ۾ نرمي کانپوءِ سڄي سنڌ جيان ٽنڊو الهيار ضلعي جي سمورن شهرن ۾ به بازرون کلي ويون آهن، پهرين ڏينهن ئي 5 ڪرونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. لاڪ ڊائون ۾ نرمي کانپوءِ ٽنڊو الهيار شهر جون سموريون بازارون کلي ويون آهن، جنهن کانپوءِ ماڻهن بازارن جو رخ ڪيو، جتي مردن سان گڏ عورتن ۽ ٻارن جو به وڏو انگ خريداري ۾ مصروف رهيو، ٽنڊو الهيار شهر کانسواءِ، نصرپور، مسڻ، چمبڙ سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن جي بازارن ۾ ماڻهن جي پيهه کانپوءِ ڪرونا وائرس جي وبا وڏي پئماني تي ڦهلجڻ جو خدشو به وڌي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ملير ايڪسپريس وي منصوبو؛ سنڌ حڪومت، بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي کي ڌچڪو

Share this on WhatsApp ”ملير ايڪسپريس وي پروجيڪٽ ھاڻي اي ڊي بي جي مدد سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *