Thursday , April 18 2024

ٽنڊوالهيار ۾ پيٽرول پمپس خلاف انتظاميا پاران ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ٽڻڊوالهيار(رپورٽ: سجاد حسين   سنڌسماءَچار) ٽنڊو الهيار ضلعي اندر پيٽرول پمپ مالڪن پاران  پيٽرول جا وڌيڪ اگهه وٺڻ ۽ لاڪ ڊائون دوران مهانگي اگهه تي ڊيزل ۽ پيٽرول وڪرو ڪرڻ جي شڪايتن جو ضلعي انتظاميا نوٽيس ورتو، پمپ مالڪ ۽ آپريٽرز گرفتار ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي وارننگ. ٽنڊي الهيار ضلعي جي سمورن پيٽرول پمپس مالڪن پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽجڻ کانپوءِ تيل نه هجڻ جو بهانو ڪري پمپس بند ڪرڻ ۽ بليڪ تي وڪري جي شڪايتن تي ڊي سي رشيد زرداري معاملي  جو نوٽيس وٺي اسسٽنٽ ڪمشنر کي پمپ مالڪن ۽ آپريٽرس خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي. اي سي پمپس جو معائنو ڪري معاملي جي جاچ ڪري پيٽرول ن ه هجڻ جي معاملي تي لاڳاپيل ڪمپنين سان رابطو ڪيو، اي سي موجب ڪمپنين پاران سڄي ملڪ ۾ تيل جا ڪا به کوٽ نه هجڻ ۽ ٽنڊو الهيار ۾  به کوٽ نه هجڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد پيٽرول پپمس مالڪن کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته آئينده هٿرادو کوٽ ڪئي وئي يا پيٽرول مهانگي اگهه تي وڪرو ڪيو ويو ته سخت ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ پيٽرول پمپ به سيل ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *