Tuesday , April 23 2024

ٽرمپ جا ايگزيڪيٽو آرڊر ۽ اوباما جون ڇڏيل روايتون – آصف جيلاني

ٽرمپ جا ايگزيڪيٽو آرڊر ۽ اوباما جون ڇڏيل روايتون – آصف جيلاني  

آمريڪي صدر اوباما جي رخصتيءَ کان پوءِ جيئن ئي ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس پهتو آهي، تيئن هن پنهنجي اليڪشني واعدن جي پورائي لاءِ پنهنجا ايگزيڪيوٽوِ آرڊر جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. شروعاتي طور تي 7 مسلمان ملڪن جي ماڻهن لاءِ ويزا ۾ بندش سميت ميڪسيڪو واري سرحد تي ديوار جي تعمير وارا ايگزيڪيوٽوِ آرڊر جاري ٿيا آهن. ان سان گڏ واٽر بورڊنگ، جنهن کي سولي سنڌيءَ ۾ ڪاري پاڻيءَ جي سزا چئجي، ان جي حمايت به ٽرمپ ڪري ڇڏي آهي. ٽرمپ جو دور ته خير هاڻي شروع ٿيو، پر اوباما جو 8 سالا دور، جيڪو هاڻي پڄاڻيءَ تي پهتو، ان جو جائزو به وٺڻ گهرجي ته هو پويان ڪهڙيون روايتون ڇڏي ويو آهي.

آمريڪا جو اهو تاريخي دور ختم ٿي ويو، جيڪو پهريون ڀيرو هڪ آفريقي- آمريڪي صدر جي چونڊ سان شروع ٿيو هو، جنهن سان ڪيتريون ئي اميدون وابسطا هيون. اميدن جي اها انڊلٺ اٺن سالن کانپوءِ ناڪامين جي اونداهين ۾ گم ٿي وئي. 2008ع ۾ چونڊ مهم دوران اوباما، بش جي دور ۾ قائم ڪيل گوانتانامو بي جيل کي آمريڪي تاريخ جو افسوسناڪ باب قرار ڏنو هو ۽ واعدو ڪيو هو ته هو چونڊ کٽڻ کانپوءِ جلد گوانتانامو بي کي بند ڪري ڇڏيندو. صدارت جو حلف کڻڻ جي ٻن ڏينهن کانپوءِ هن ان جيل جي 779 قيدين جي خلاف ڪيس 120 ڏينهن لاءِ معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو ۽ ان جي هڪ ڏينهن بعد هن گوانتانامو بي کي هڪ سال اندر بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. اوباما نه ته پنهنجي صدارت جي پهرين مدي ۾، ۽ نه ئي ٻئي مدي ۾ پنهنجي ان حڪم تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. ڪو شڪ ناهي ته ان ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آمريڪي ڪانگريس جي مخالفت هئي، جنهن ۾ اوباما کي اڪثريت حاصل نه هئي. اوباما جي دور جي شروعات ناڪاميءَ سان ٿي ۽ هاڻي به ان جيل ۾ 41 قيدي اوباما جي دور تي ماتم ڪري رهيا آهن.

اها ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي، جو عراق جي جنگ جي مخالفت جي بنياد تي 2008ع ۾ اوباما کي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي هئي، پر اقتدار ۾ ايندي ئي هو پاڻ افغانستان جي جنگ ۾ اُلجهي ويو ۽ انهيءَ جنگ کي هن پنهنجي نالي ڪري ورتو. اهو ئي نه، پر لبيا ۽ شام جي جنگين ۾ به اڳيان اڳيان رهيو، جڏهن ته سندس اقتدار ۾ اچڻ جي ڪجهه مهينن کانپوءِ کيس امن جي نوبل انعام سان نوازيو ويو هو. ان باري ۾ پاڻ اوباما جو چوڻ هو ته، کيس خبر ناهي ته اهو انعام کيس ڇو ڏنو ويو ۽ يقينن انهن ماڻهن جا روح به سوال ڪندا هوندا، جيڪي اوباما جي دور ۾ بمباريءَ ۽ ڊرون حملن ۾ مارجي ويا هئا. صدر بش جي دور ۾ پاڪستان، يمن ۽ صوماليا ۾ ڪُل 57 ڊرون حملا ٿيا هئا، پر اوباما جي دور ۾ ڊرون حملن ۾ 10 ڀيرا اضافو ٿيو ۽ ٽن هزارن جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا، انهيءَ ڪري ئي ڪري اوباما کي ”Drone President“ قرار ڏنو ويو. اها ستم ظريفي هئي ته 2009ع ۾ صدارت سنڀالڻ جي ٽئين ڏينهن اوباما، پاڪستان تي ڊرون جي پهرين حملي جو حڪم ڏنو هو، ان کانپوءِ پاڪستان مٿان ڪمپيوٽر جي گيم وانگر ڊرون حملن جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو سندس دور جي پڄاڻيءَ تائين جاري رهيو.

اوباما، عراق ۾ جنگ جاري رکڻ ۽ افغانستان ۾ آمريڪي فوجين جي انگ ۾ زبردست اضافو ڪرڻ وقت ان جي وضاحت نه ڪئي ته هو جنگ ڇو جاري رکي رهيو آهي، جڏهن ته هن جنگ جي خاتمي جو واعدو ڪيو هو. نوبل انعام ماڻيندڙ اوباما جي دور ۾ هر سال فوج تي 654 ارب ڊالرز خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته بش جي دور ۾ ساليانو 19 ارب ڊالرز خرچ ٿيا. توقع هئي ته اوباما پنهنجو پاڻ کي نوبل انعام جو مستحق ثابت ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب رهندو، پر اسرائيل جي ڪاررواين ۽ آمريڪا ۾ اسرائيل حامي لابي ان مشن ۾ کيس ناڪام ثابت ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو فلسطين جي زمين تي يهودي وسندين جي تعمير به هو نه روڪي سگهيو. ائين دنيا جي سپر طاقت جو صدر لاڳيتو بي وس ثابت ٿيو. بش جي دور ۾ عراق جي جنگ دوران آمريڪين پنهنجي خلاف مزاحمت کي چٿڻ لاءِ فرقن کي پاڻ ۾ تشدد تي ڀڙڪائڻ جو، جيڪو عمل شروع ڪيو هو، اهو اڃا به جاري آهي. اوباما ان تباهيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪا ڪارروائي نه ڪئي، پر عراق کي ٽن علائقن ۾ ورهائڻ لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ داعش وجود ۾ آئي ۽ وري شام مان داعش جي لشڪر عراق تي حملو ڪيو ۽ موصل تي قبضو ڪيو ته ان وقت اوباما داعش جي لشڪر کي روڪڻ لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي. ائين اهو چيو وڃي ٿو ته داعش جي ڪاميابين جي پويان آمريڪا جو هٿ هو.

اوباما جي دور ۾ قذافيءَ کي اقتدار تان هٽائڻ ۽ لبيا جي تيل جي دولت تي قبضو ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ سندس اتحادين، جيڪا خطرناڪ فوجي مداخلت ڪئي ۽ قبيلن ۾ جيڪي بي حساب هٿيار ورهايا، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو گذريل پنجن سالن کان افراتفري جاري آهي. ٻه حڪومتون ۽ ٻه پارليامينٽ آهن ۽ داعش جي لشڪر ڪيترن ئي علائقن تي آسانيءَ سان قبضو ڪري ورتو آهي. هوڏانهن مصر ۾ انقلاب کانپوءِ جيڪا چونڊيل حڪومت اقتدار ۾ آئي هئي، آمريڪا ۽ اسرائيل جي چرچ تي فوج اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ سياسي افراتفري برابر جاري آهي. وچ اوڀر هن وقت جيترو خطرن ۾ گهيريل آهي، اوباما جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ڪڏهن به ايترو گهيريل نه هو. اوباما کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته سندس حڪم تي آمريڪي نيوي سيلز پاڪستان جي فوجي ڇانوڻيءَ واري شهر ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن جي گهر تي حملو ڪري اسامه بن لادن کي سندس پُٽ خالد، سندس ٻن ڀائرن ۽ اسامه جي هڪ زال سميت ماري اسامه کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ وارو اهو واعدو پورو ڪري ڇڏيو، جيڪو بش پورو نه ڪري سگهيو هو. هو ايران سان جوهري ٺاهه کي به پنهنجي ڪاميابي قرار ڏئي ٿو، پر ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ اچڻ بعد ان ٺاهه جي رد ٿيڻ جو گهڻو خطرو آهي.

ڪو شڪ ناهي ته طبي سهولتن جي باري ۾ اوباما جي دور کي انقلابي قدم قرار ڏنو ويو آهي، جنهن سان ٻه ڪروڙ آمريڪين کي فائدو پهتو آهي، پر ڊونلڊ ٽرمپ سڀ کان پهرين وار انهيءَ نظام تي ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ خطرو آهي ته اوباما جي اها ڪاميابي خاڪ ۾ ملي ويندي. روشن خيال آمريڪي آفريقي صدر اوباما جي دور جي شروعات تي آمريڪي عوام کي اميد هئي ته اوباما جي دور ۾ شهري آزادين کي هٿي ملندي ۽ آمريڪي آفريقي عوام کي روزگار جي ميدان ۾ ترقيءَ جا گهڻا موقعا ملندا ۽ هو نسلي تعصب جي گهيري مان نڪري سگهندا، پر گذريل اٺن سالن جي دوران سندس سموريون اميدون پوريون نه ٿي سگهيون. ڪاري نسل جي ماڻهن ان دوران پنهنجي خلاف تعصب جو غير معمولي طوفان اُٿندي ڏٺو ۽ پوليس جي تشدد به بري طرح ڪَر کنيو. وري هٿيارن جو مسئلو به اهڙو بي قابو ٿيو، جو اوباما ان جي سامهون بي وس نظر آيو. بهرحال انهن ناڪامين جي باوجود اوباما جو نالو هميشه آمريڪي تاريخ ۾ زندهه رهندو ته هو پهريون آفريقي- آمريڪي هو، جيڪو صدر جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ هاڻي ڊونلڊ ٽرمپ، اهڙي صدر جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آمريڪي عوام ان سان ڀيٽ ڪندو ته سندس ناڪامين جي باوجود اوباما کي روشن خيال ۽ ترقي پسند صدر جي حيثيت سان ياد رکند

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *