سکر(رپورٽر سنڌسماءَچار) سکر جي اينٽي ڪرپشن عدالت فوڊ سينٽر ٺري ميرواهه ۾ جي فوڊ انسپيڪٽر ۽ ٺيڪيدار جان محمد سيال تي ڪرپشن جو الزام ثابت ٿيڻ تي 7-7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ٻنهي ملزمن خلاف ٺري ميرواهه جي فوڊ سينٽر ۾ بارداڻي ۽ ڪڻڪ خريداري دوران ڪرپشن ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. اينٽي ڪرپشن عدالت فوڊ انسپيڪٽر گامڻ خان راڄپر ۽ واپاري جان محمد سيال کي 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت طرفان سزا ٻڌائڻ کانپوءِ پوليس ڏوهارين کي حراست ۾ وٺي جيل موڪلي ڇڏيو. جوابدارن خلاف ٺري ميرواهه فوڊ سيٽر جي ڪڻڪ جي بارداڻي ۽ ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪرپشن ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
Check Also
خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ
خيرپور (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …