Wednesday , March 22 2023
uren

ٺري ميرواهه: سوئي گئس ڀرسان خانگي اسڪول تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ٻارڙا زخمي، جوابدار ڀڄي ويا

child injr 2

ٺري ميرواهه (رپورٽ:اسلم شر) ٺري ميرواهه ويجهو سوئي گئس واري علائقي ۾ خانگي اسڪول تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 معصوم شاگرد زخمي ٿي پيا، جن کي اسڪول انتظاميا ۽ علائقي واسين اسپتال کڻي ويا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل شاگردن ۾ شرجيل ۽ فيصل پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن، جن کي اسپتال ۾ ملم پٽي ڪرڻ بعد سندس ٻي ضروري طبي چڪاس پڻ ڪئي وئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻارڙن جو علاج جاري رهندو ۽ سندن صحت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي. ٻي طرف واقعي بابت معلوم ٿيو آهي ته شرجيل ۽ فيصل جي پيءُ نائلا چاڪراڻي نالي ناري سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي ۽ اڄوڪو واقعو ان ڇڪتاڻ جو ئي نتيجو لڳي رهيو آهي. ٻي طرف پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جوابدارن کي به جلد سوگهو ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

وفاقي ڪابينا پگهارون ۽ مراعتون نه وٺندي، سرڪاري لگزري گاڏيون ۽ وڏا گهر نيلام ٿيندا

Share this on WhatsAppڪابينا جي سمورن ميمبرن جون پگهارون ۽ ٻيون مالي مراعتون ختم ڪري …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *