Thursday , April 25 2024

”يوسف رضا گيلاني،اويس مظفر ٽپي،مظهر سهتو ۽ منظور ڪاڪا“خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) نيب يوسف رضا گيلاني، اڳوڻي آءِ ٽي سيڪريٽري فاروق اعواڻ، اڳوڻي ڊي جي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جا ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، نيب ترجمان موجب جوابدارن مبينا طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي قومي ناڻي کي نقصان پهچايو، ايگزيڪيوٽو اجلاس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير اويس مظفر ٽپي، اڳوڻي سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڦل ۽ ٻين خلاف چئن مختلف انويسٽيگيشنز جي به منظوري ڏني وئي. اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ اندر ڪرپشن جي هلندڙ ريفرنسز جو جائزو ورتو ويو. نيب اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، اڳوڻي آءِ ٽي سيڪريٽري فاروق اعواڻ، سيد حسن شيخ، انعام اڪبر ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب جو چوڻ آهي ته جوابدارن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو. ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ سنڌ جي اڳوڻي وزير اويس مظفر ٽپي، اڳوڻي سيڪريٽري سنڌ راجا محمد عباس، غلام مصطفيٰ ڦل ۽ غلام عباس سومرو خلاف 4 مختلف انويسٽيگيشنز جي منظوري ڏني وئي.

نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن مبينا طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ملير رِيور جي زمين غيرقانوني طور ماڻهن کي الاٽ ڪئي جنهن سان قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان ٿيو. نيب جي ايگزيڪيوٽو اجلاس ۾ اڳوڻي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻين خلاف به ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب موجب جوابدارن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ڪرپشن ۽ سرڪاري  ڪاغذن ۾ هيرا ڦيري ڪئي جنهن سان قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان رسيو . نيب اجلاس ۾ اڳوڻي ڊپٽي آڊيٽر جنرل سنڌ مظهر علي سهتو خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏي وئي. مظهر علي سهتو تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ من پسند ماڻهن کي غيرقانوني طور ڀرتي ڪري قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان جو الزام آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته نيب “احتساب سڀني لاءِ” واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.هن چيو ته نيب جي پهرين ۽ آخري ترجيح پاڪستان ۽ پاڪستان جو عوام آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *