Friday , April 19 2024

وڏي ڪرپشن جو وڏ فيصلو ڪڏهن ٿيندو، ملڪ جي سياست اثر انداز ٿيندو..؟؟

 Panama

سپيرم ڪورٽ ۾ ڪيترن ئي مهينن کان هلندر پاناما ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته، انشاءَ الله ٻن ڏينهن اندر ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي ويندي. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس بابت آئيني درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي، اٽارني جنرل کي سڀاڻي تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت، جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ۾ چيو ته انشاءَ الله پاناما ليڪس بابت آئيني درخواستن جي ٻڌڻي ايندڙ خميس تائين مڪمل ٿي ويندي. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ پانام ليڪس بابت آئيني درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته آف شور ڪمپنين بابت ايف بي آر جو ڪهڙو ڪردار آهي، ايف بي آر پاناما معاملي تي گهرو وزارت سان ڪڏهن رابطو ڪيو هو. عدالت ۾ آئيني درخواستن جي ٻڌڻي دوران وزير اعظم ۽ سندس ٻارن وڌيڪ هڪ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ عمران خان جي دستاويزن کي ريڪارڊ جو حصو نه بڻائڻ جي استدعا ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته دستاويزن کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻو آهي ته پوءِ کين 8 ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي.

Panama 1

درخواست ۾ چيو ويو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين آف شور ڪمپنين جا الزام رد ڪيا آهن. ايف بي آر چيئرمين عدالت کي ٻڌايو ته حسن، حسين نواز ۽ مريم نواز آف شور ڪمپنين بابت جواب ڏنو آهي. جسٽس عظمت سعيد شيخ رمارڪس ۾ چيو ته مريم نواز ٽرسٽي هئڻ جو ذڪر ڪيو آهي يا نه؟ ايف بي آر چيئرمين عدالت کي ٻڌايو ته مريم نواز چيو ته پرڏيهه ۾ سندس ڪابه ملڪيت ۽ آف شور ڪمپني به ناهي. هن عدالت کي ٻڌايو ته 92 ماڻهن آف شور ڪمپنين جي مالڪي تسليم ڪئي آهي،39 آف شور ڪمپنين جا مالڪ پاڪستان ۾نٿا رهن. ايف بي آر چيئرمين جو چوڻ هو ته هن وقت تائين 343 ماڻهن کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن. جسٽس گلزار رمارڪس ۾ چيو ته ڇا حسين نواز جي جواب بعد ايف بي آر فائيل بند ڪري ڇڏي آهي؟. ايف بي آر چيئرمين عدالت کي ٻڌايو ته حسين نواز وٽ ٽيڪس نمبر موجود آهي، سموري رڪارڊ جي تصديق ڪري رهيا آهيون. جسٽس گلزار رمارڪس ۾ چيو ته لڳي ٿو اوهان کي تصديق ڪرڻ لاءِ 30 سال لڳي ويندا. جسٽس عظمت سعيد شيخ رمارڪس ۾ چيو ته ايف بي آر جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، اهو سڀني جي سامهون آهي.

FBR

جسٽس اعجاز رمارڪس ۾ چيو ته جتي ڪارروائي ڪرڻي نه هوندي آهي، اتي ايف بي آر جلدي ڪندي آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ۾ چيو ته ڇا عدالت کي حديبيه پيپر ملز ڪيس ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ڇا 1 ڏهائي 2 ارب جي بدعنواني واري معاملي کي بغير حساب جي وڃڻ ڏنو وڃي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ۾ چيو ته ٽيڪس چوري جو معاملو آهي، عوام ڄاڻڻ چاهي ٿو ته ڪنهن ڪيترو ٽيڪس ڏنو آهي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته نيب اپيل داخل نه ڪري پنهنجو قانوني ڪم نه ڪيو آهي، قانوني ذميواري پوري نه ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته سوال هي آهي ته نيب جي اپيل داخل نه ڪرڻ تي درخواستگذار هاڻي تائين ڇا ڪري رهيو هو. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ۾ چيو ته ڇا اوهان جو هي راءِ آهي ته عدالت حيبيه پيپر ملز ڪيس کي ٻيهر نٿي کولرائي سگهي. اٽارني جنرل دليلن ۾ چيو ته جيڪڏهن عدالت فيصلو ڏئي ٿي ته هڪ وڏو مثال ٿي ويندو. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن عدالت نيب پاران اپيل داخل نه ڪرڻ بابت فيصلو ڏنو ته پوءِ نيب چيئرمين به پنهنجي عهدي تي رهي نه سگهندو.

NAB

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *