Thursday , April 18 2024

وقت تي عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ آدمشماري جا نتيجا قبول ڪيا، سند جا خدشا ختم ڪيا ويندا: مراد علي شاهه

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آدمشماريءَ تي سنڌ سميت جي خدشن ۽ وسوسن کي ختم ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار راضي ٿي وئي آهي، صوبا به آدمشماري جي عبوري نتيجا قبول ڪري ورتا آهن. عبوري نتيجن تي نيون تڪ بنديون ٺاهڻ تي اتفاق، سنڌ جو هڪ سيڪڙو بلاڪن جا انگ اکر ٻيهر گڏ ڪري ٿرڊ پارٽي کان تصديق ڪرائڻ جو مطالبو منظور ڪيو ويو آهي. صوبن طرفان وقت تي اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ، بلوچستان جي وڏي وزير ثناءَ الله زهري، مرتضيٰ جتوئي ۽ احسن اقبال سميت ٽئي وفاقي نمائندا شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات ڊويزن پاران بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آدمشماري جا نتيجا ايندڙ سال ايندا، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن چيو ته گذريل آدمشماري جي نتيجن تي تڪبنديون نه ٿيون ٿي سگهن، جلدي آئيني ترميم منظور ڪرائي وڃي ته جيئن تڪ بندين جي ڪم کي اڪلايو وڃي، اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي ترجمان مصدق ملڪ ٻڌايو ته ملڪ ۾ آدمشماري کانپوءِ تڪ بندين جي معاملي تي هڪ آئيني بحران پيدا ٿي ويو هو، شماريات ڊويزن آدمشماري جا حتمي ۽ تفصيلي انگ اکر اپريل ۾ مڪمل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، جيڪڏهن اپريل ۾ اهي نتيجا اچي ويا ته به نين تڪ بندين جي لاءِ وڌيڪ پنج مهينا گھربل هوندا، انهي صورت ۾ وقت تي چونڊون نه ٿي سگهنديون.

مصدق ملڪ چيو ته انهي صورتحال ۾ سمورن صوبن وفاقي حڪومت سان گڏجي آئيني بحران کي حل ڪري ورتو آهي، انهي جمهوري انداز سان ڪيل فيصلي تي صوبا مبارڪن جا حقدار آهن، مصدق ملڪ چيو ته گڏيل مفادن جي ڪائونسل آدمشماري جي عبوري نتيجن تي تڪ بندين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هاڻ آئيني ترميم قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائي ويندي. سندس چوڻ هو ته، گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪڻن ذريعي ملڪ جي هڪ سيڪڙو بلاڪس جي چونڊ ڪري انهن ۾ آدمشماري جا انگ اکر ٻيهر گڏ ڪيا ويندا، انهي ڀيٽ ذريعي آدمشماري جي نتيجن جي تصديق ٿي ويندي، آدمشماري جي هڪ سيڪڙو بلاڪس جي انگ اکرن جي تصديق جو عمل ٽن هفتن ۾ مڪمل ڪيو ويندو،هن چيو ته آئيني ترميم کانپوءِ فوري طور تڪ بندين جو ڪم شروع ڪيو ويندو. هڪ سيڪڙو بلاڪس جي نتيجن جي آڊٽ ٿرڊ پارٽي کان ڪرائي ويندي، سمورن بلاڪس جي نتيجن کي آئيني ترميم منظور ٿيڻ شرط شايع ڪرايو ويندو، انهي فيصلي جي ڪري ۽ نتيجا اچڻ کانپوءِ آدمشماري بابت عوام ۾ شڪ شهبا ختم ٿي ويندا.

مصدق ملڪ وڌيڪ چيو ته سمورن صوبن وقت تي اليڪشن جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪنهن به صوبي وقت کان اڳ عام چونڊن جي ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي، صوبن جمهوري عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ انهي تي اتفاق آهي ته جمهوري نظام پٽڙي تان نه لهڻ گھرجي، هن چيو ته اجلاس ۾ پناهگيرن ۽ غير ملڪي شهرين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، انهي تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته مونجهاري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تڪ بندين جي طور طريقي کي تبديل نه ڪيو وڃي، هن چيو ته ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار بيمار آهي انهي جي جاءِ تي احسن اقبال کي وفاق جي نمائندي طور ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ترجمان موجب گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جمهوري پارٽي آهي انهي جي ڪري عام چونڊن ۾ ڪڏهن به دير ٿيڻ نه ڏيندي، اسان آدمشماري جي نتيجن کي ڪجھه شرطن جي بنياد تي قبول ڪنداسين، پهريون شرط اهو آهي ته هڪ سيڪڙو آدمشماري بلاڪس جي ٿرڊ پارٽي ذريعي  تصديق ڪرائي وڃي، آدمشماري جي حوالي سان عوام جا خدشا ختم ڪيا وڃن، بيورو آف اسٽيٽسٽڪس ترت آدمشماري واري بلاڪس جا نتيجا شايع ڪرائي، ترجمان  موجب وڏي وزير جا اجلاس ۾ رکيل سمورا شرط منظور ڪيا ويا آهن، وڏي وزير چيو آهي ته آدمشماري بابت اهي سمورا معاملا وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري پيدا ٿيا آهن، جيڪڏهن سنڌ سميت سمورن صوبن جي تجويزن تي عمل ڪيو وڃي ها ته اهي مسئلا پيش ئي نه اچن ها، وڏي وزير چيو ته اسان وقت تي عام چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ آئيني ۾ ترميم جي لاءِ به راضي آهيون، آئين ترميم کانپوءِ صوبائي آدمشماري جي بنياد تي تڪبنديون ڪيون وينديون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *