Tuesday , April 16 2024

وفاق پاران سنڌ جي ٻهراڙي جي ڊوميسائلن تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سرڪاري ملازمن جا تفصيل طلب

ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي سنڌ دشمني چِٽِي ٿيڻ لڳي، نيب به ونگارو بڻجي ويو

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار)  وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻهراڙي جي ڊوميسائلين تي سرڪاري نوڪريون ڪندڙ سمورن ملازمن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، نيب سنڌ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو، قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته نيب صوبن کان ڪرپشن سان لاڳاپيل ڪا به معلومات وٺي سگهي ٿو، هن معاملي تي نيب پڇاڻو نه ٿو ڪري سگهي. ڊي جي نيب سنڌ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر (اسٽاف) سعيد احمد سنڌ حڪومت کي خط لکي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مقرر ٿيل گريڊ هڪ کان22هين گريڊ تائين جي انهن آفيسرز جا تفصيل طلب ڪيا آهن جن جو ڊوميسائيل سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن سان آهي.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر سعيد احمد، سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري سروسز اينڊ جنرل ايڊمسنٽريشن کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته، “ هين مئي 2021 تي نيب جي شڪايتي سيل جي انچارج وٽ پيش ٿي هڪ معلومات مهيا ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جو ڊوميسائل رکندڙ پهرين کان 22هين گريڊ جي ملازمن بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي”. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، ” ان شڪايت ۾ مليل ڄاڻ لاءِ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 27 تحت جو رڪارڊ نيب کي ڏنو وڃي ۽ هن معاملي کي انتهائي ترجيحي بنيادن تي نظر وجهي معلومات مهيا ڪئي وڃي“.

ان سلسلي ۾ قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته نيب کي اهڙي معلومات وٺڻ جو اختيار ئي ناهي. وڪيل سهيل ميمڻ ۽ صداقت ميمڻ سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته، نيب وفاقي ادارو آهي ۽ ان کي اختيار آهي ته سمورين صوبائي حڪومتن يا انهن جي ماتحت ايندڙ سمورن کاتن کان ڪرپشن جي شڪايتن بابت معلومات يا ان سان لاڳاپيل رڪارڊ گهري سگهي ٿو. هنن ٻڌايو ته صوبي جو ڊوميسائيل رکندڙ شخص پوءِ اهو ٻهراڙي جو هجي يا شهري ڊوميسائيل اُهو ان ئي صوبي ۾ ڪٿي به نوڪري ڪري سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *