Wednesday , April 24 2024

وفاقي ڪابينا پگهارون ۽ مراعتون نه وٺندي، سرڪاري لگزري گاڏيون ۽ وڏا گهر نيلام ٿيندا

ڪابينا جي سمورن ميمبرن جون پگهارون ۽ ٻيون مالي مراعتون ختم ڪري ڇڏيون، وزيرن ۽ آفيسرز کان لگزري گاڏيون ۽ وڏا گهر واپس وٺي نيلام ڪيا ويندا

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ بچت لاءِ وڏا فيصلا ڪري ورتا، ڪابينا جي سمورن ميمبرن جون پگهارون ۽ ٻيون مالي مراعتون ختم ڪري ڇڏيون، وزيرن ۽ آفيسرز کان لگزري گاڏيون ۽ وڏا گهر واپس وٺي نيلام ڪيا ويندا، وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪفايت شعاري مهم جو اعلان ڪندي چيو ته حڪومت معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ ڪفايت شعاري جي تجويزن جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن سان صرف وفاقي حڪومت کي 200 ارب رپين کان وڌيڪ بچت ٿيندي، صوبن ۾ به ساڳئي طرح سان بچت ڪئي ويندي، وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ خاص مددگار پگهارن سميت ڪي به ملاي مراعتون نه وٺندا، جنهن تي سختي سان عمل ڪيو ويندو.

وزيراعظم شهباز شريف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاقي ڪابينا جي سمورن ميمبرن ۽ آفيسرز کان لگزري سرڪاري گاڏيون ۽ وڏا گهر واپس ورتا ويندي، اُهي وڏا سرڪاري گهر ۽ قيمتي گاڏيون نيلام ڪري رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي. وفاقي وزير ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سفر اڪانومي ڪلاس ۾ ڪندا، ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ فائيو اسٽار هوٽلز ۾ رهائش اختيار نه ڪندا. گيس، بجلي، ٽيليفون ۽ پاڻي جا بل به سرڪار ادا نه ڪندي، وزيراعظم چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي اڃا وڌندي، مني بجيٽ پيش ڪري سياست داءَ تي لڳائي پر ملڪ کي بچائي ورتو آهي، آءِ ايم ايف سان ڪجهه ڏينهن اندر معاملا طئي ٿي ويندا، سرڪاري آفيسرز کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ الاٽ نه ڪيو ويندو، وزير يا سرڪاري آفيسر توشا خانا جا 80 هزار رپين تائين جا تحفا رکي سگهندا، توشا خانا جا تفصيل به عوام آڏو پڌرا ڪيا ويندا. هن چيو ته بجلي بچائڻ لاءِ سرڪاري آفيسز صبح جو ساڍي ستين وڳي کُلنديون، جيڪي شادي هال ۽ شاپنگ مال رات 8 وڳي بند نه ٿيندا ته انهن جي بجلي ڪاٽي ويندي، ايندڙ ٻن سالن تائين ڪوبه انتظامي يونٽ، ڊويزن، ضلعو يا تعلقو نه ٺهندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *