Thursday , March 28 2024

وفاقي حڪومت ۽ سينيٽ چيئرمين آمهون سامهون، تڪرار تيز

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار)  سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پاران وفاقي وزير فواد چوڌري تي سينيٽ ۾ داخل نه ٿيڻ بابت رولنگ ڏيڻ کانپوءِ، معاملي کي ٿڌو ڪرڻ بدران وفاقي حڪومت رولنگ خلاف فواد چوڌري جي حمايت ۾ اچي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته، وزيرن جي بيعزتي ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي، سينيٽ چيئرمين سان سندس رولنگ واري معاملي تي ڳالهايو وڃي. اربع واري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران وفاقي وزير فواد چوڌري پاران، نواز شريف خاندان، مولانا فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي جا نالا کڻي چيو هو ته، اُهي ڪهڙي حيثيت ۾ ٿا ڳالهائين. ان معاملي تي خميس واري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽ چيئرمين فواد چوڌري خلاف رولنگ جاري ڪري ڇڏي.

سينيٽ چيئرمين رولنگ ۾ چيو آهي ته، جيستائين فواد چوڌري پنهنجي رويي تي معافي نه وٺندو ايستائين کيس ايوان / سينيٽ ۾ اچڻ جي اجازت  نه هوندي. سينيٽ چيئرمين پاران ڏنل اهڙي رولنگ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سميت وفاقي ڪابينا معاملي کي ٺاهڻ بدران، وفاقي وزير فواد چوڌري جي پاسي ٿي بيهي رهيا آهن. ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته، وفاقي وزيرن جي بيعزتي ڪرڻ جو ڪنهن کي ڪو به حق نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي اهڙي اجزات ڏئي سگهجي ٿي. ڪابينا جي اجلاس بابت فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته، سينيٽ چيئرمين پاران سندس خلاف ڏنل رولنگ تي وزيراعظم عمران خان ۽ ڪابينا جي سمورن ميمبرز افوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيئر پارليامينٽيرنز جو چوڻ آهي ته سينيٽ چيئرمين جي رولنگ واپس نه ٿي سگهندي، فواد چوڌري کي معافي وٺڻي پوندي ۽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو آهي ئي ڪونه.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *