Saturday , April 20 2024

وفاقي حڪومت ڪرونا ويڪسين جي هڪ ڊوزجي قيمت 5 هزار وڌيڪ منافعو

پاڪستاني حڪومت ڪرونا ويڪسين جي خريداري جا تفصيل عوام آڏو پڌرا ڪري: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) وفاقي حومت ڪرونا جي وبا کان بچاءَ واري روسي ويڪسين جي قيمت عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ 5 هزار کان وڌيڪ مهانگي مقرر ڪري ڇڏي آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ويڪسين عوام کي مهانگي اگهه تي وڪرو  ڪرڻ تي وزيراعظ۾ کي خط لکي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ويڪسين عوام کي مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري ۽ عوام جو بنيادي حق آهي. دنيا ۾ پکڙيل ڪرونا وائرس کان ب چاءَ ۽ روڪتام لاءِ ويڪسين پاڪستان ۾ اڃا تائين عوامي سطح تي ان جو وڪرو شروع ناهي ٿيو پر وفاقي حڪومت روسي ويڪسين جا ٻه ڊوز 8 هار 449 رپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي، ساڳئي چيني ويڪسين 4 هزار 225 رپيا آهي. ان سلسلي ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي وائيس چيئرپرسن جسٽس رٽائرڊ ناصره جوايد وزيراعظم عمران خان کي خط لکي مهانگي ويڪسين تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، ناصره جاويد خط ۾ چيو آهي ته، وفاقي ڪابينا روسي ڪرونا ويڪسين اسپوٽنڪ جي پاڪستان ۾ ٻن ڊوزن جي قيمت 8 هزار 449 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي ، عالمي مارڪيٽ ۾ روسي ويڪسين جي ٻن ڊوزن جي قيمت 20 ڊالر آهي جيڪا پاڪستاني رپين ۾ لڳ ڀڳ 31 سئو رپيا ٿئي ٿي. خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ڪرونا ويڪسين جي ٻن ڊُزن تي 5 هزار رپين کان وڌيڪ اوڳاڙي عوام کان صحت جو بنيادي حق کسي رهي آهي، جنهن تي نظر ثاني ڪئي وڃي.

جسٽس رٽائرڊ ناصره اقبال وزيراعظم کي لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ حڪومتون پنهنجي پنهنجي عوام کي ڪرونا ويڪسين مفت ۾ مهيا ڪري رهي آهي آهي، پر پاڪستان ئي دنيا جو اڪيلو ملڪ آهي جنهن جي حڪومت عوام کي ڪرونا ويڪسين مفت ۾ مهيا ڪرڻ بدران وڪرو ڪري رهي آهي ۽ اُها به عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو سيڪڙو مهانگي مهيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي وئيس چيئرپرسن خط ۾ ڄاڻايو آهي ته ڀارت ۾ روسي ڪمپني جي ڪرونا ويڪسين پاڪستاني 15 سئو رپيا آهي ۽ اها  اويڪسين هڪ 160سيڪڙو مهانگي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو انتهائي سنجيده معاملو آهي. ٽرانسپيرنسي حڪومت کان اهو به مطالبو ڪيو آهي ته ويڪسين جي خريداري جا سمورا تفصيل عوام آڏو پڌرا ڪيا وڃن، خدشو آهي ته ان ۾ ڪا بيضابطگي نه ٿيندي هجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *