Friday , April 19 2024

وفاقي حڪومت سنڌ کي پنهنجي ڪالوني نه سمجهي: وڏو وزير مراد  علي شاهه

قومي اقتصادي ڪائونسل جا سال ۾ ٻه اجلاس ٿيڻ گهرجن، افسوس ته ٻن سالن دوران رڳو 2 اجلاس ٿيا

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ کي پنهنجي ڪالوني نه سمجهي، قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) جا اجلاس هڪ سال ۾ 2 اجلاس ٿيڻ گهرجن پر افسوس ته آئيني گهرج جي لتاڙ ڪندي ٻن سالن صرف ٻه اجلاس ڪيا ويا، وزيراعظم عمران خان کي ڪجهه ماڻهو صحيح نموني گائيڊ نه ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 45 کان وڌيڪ ماڻهو ويهي سگهن ٿا اين اي سي اجلاس ۾ 13 ماڻهو ڇو نه ٿا ويهي سگهن. وڏي وزير مراد علي شاهه سي ايم هائوس جي بينڪوئيٽ هال ۾ صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، وزير  وزيراعظم ڪابينا جا اجلاس سڏائي ٿو پوءِ اين ايف سي تي ڇو نه؟.

هن چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل کي مذاق بڻايو ويو آهي، ان جا سال ۾ ٻه اجلاس ٿيڻ آئيني گهرج آهي پر افسوس جو ٻن سالن دوران ان جا رڳو 2 اجلاس  ٿيا آهن. بار بار درخواست باوجود اجلاس نه گهرايو ويو، بجيٽ جي پوري تياري بعد اجلاس گهرائڻ جو ڪهڙُ فائدو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاق ۾ ڪابينا جي 50 ماڻهن جي ميٽنگ گهرائي وڃي ٿي، اين اي سي جو اجلاس نه ٿو سڏايو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي اسلام آباد جِي ڪالوني نه سمجهو ۽ صوبي کي اتان ويهي هلائڻ جِي ڪوشش نه ڪئي وڃي، غلط انگن اکرن جو نقصان صوبن ۽ وفاق کي به ٿيندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ايس آءِ ڊي سي ايل صرف سنڌ لاءِ ٺاهي وئي آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي لاءِ ڪا به ايس آءِ ڊي سي ايل ناهي ٺاهي وئي، ڪمپني کان غلط ڪم ڪرايا وڃن ٿا. وڏي وزير چيو ته 650 ارب رپين جي پي ايس ڊي پي مان سنڌ کي رڳو ٻه رٿائون ڏنيون ويون آهن، اسان جيڪي منصوبا ڏنا ويا اُهي ردي جِي ٽوڪرِيءَ ۾ اڇلايون ويون آهن. هن چيو ته اسان کي ترقياتي اسڪيمن بابت صوبن کي ڪجهه نه پيو ٻڌايو وڃي، ڇا هاڻي ناليون به وزيراعظم جِي هدايت تي ٺاهيون وينديون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته گرين بس پراجيڪٽ ۾ جڏهن ناقص ڪارڪردگي جو ذڪر ڪيو ته وزير اعظم چيو نيب هليا وڃو، نيب ترقياتي رٿائن ۾ ناقص ڪارڪردگي جو نوٽيس وٺي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *