Friday , March 29 2024

وفاقي حڪومت سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ غيرسنجيدگي جو مظاهرو پئي ڪري: مراد علي شاهه

ڪراچي(رپورٽر     سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته، وفاقي حڪومت سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، وفاقي حۡومت پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام / پي ايس ڊي پي؛ مان سکر بئراج جي بحالي واري رٿا کي ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ نئن گاج ۽ دراوت ڊيم جا فنڊز روڪيا ويا آهن، وفاقي حڪومت جي سنڌ سان اهڙي رويي خلاف لاڳاپيل فورمز سميت اسيمبلي ۾ به ڀرپور آواز اٿارينداسين. وڏڌي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نئن گاج ڊيم سميت مختلف منصوبن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي سي اين اِي سي جي ميمبر نثار کهڙو، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته نئين گاج ڊيم ڄامشورو ضلعي ۾ تعمير ٿيو آهي، هي وفاقي حڪومت جو منصوبو آهي، جيڪو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 70 هزار ايڪڙ زمين کي آبادي لاءِ پاڻي مهيا ڪري سگهندو.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گاج ڊيم پراجيڪٽ جي اصل لاڳت 9 بلين ۽ پراجيڪٽ جي نظرثاني ٿيل لاڳت 16 ڏهائي 90 بلين رپيا هئي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت کي هڪ ڏهائي بلين متاثرن جي آبادڪاري لاءِ ادا ڪرڻا هئا.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ وفاق جا ترقياتي منصوبا يا ته بند آهن يا وري وفاقي سرڪار ان کان پوئتي هٽي وئي آهي. اسان صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ وٽ هاڻي اسيمبلين ۾ احتجاج ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار سکر بئراج جي بحالي واري منصوبي کي پي ايس ڊي پي مان ڪڍي ڇڏيو آهي، جيڪا صوبي جي عوام سان ناانصافي آهي. مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار نئين گاج ۽ دراوت ڊيم وارن منصوبن تي به غيرسنجيده جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت فنڊ نٿي ڏئي سگهي، جهڙي  ريت وفاقي حڪومت ٻين صوبن لاءِ پنهنجا پراجيڪٽ مڪمل ڪري رهي آهي، اهڙي ريت سنڌ ۾ به پنهنجا منصوبا مڪمل ڪري. مراد علي شاهه چيو ته اسان جو موقف آهي ته ڪراچي لاءِ ڪي فور پراجيڪٽ  لاءِ 2 سئو 60 ايم جي ڊي پاڻي ڏنو وڃي، اهو معاملو به وفاقي حڪومت آڏو اٿاريو  ويندو.  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته دراوت ڊيم ڄامشوري جي ڳوٺ جهانگير ۾ واقع آهي، جنهن تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ان حوالي سان آبپاشي کاتو سروي ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *