Wednesday , April 24 2024

وفاقي ادارا سياسي بنيادن تي ڪارروايون بند ڪن يا ٽين ٽپڙ گول ڪن: مراد علي شاهه

FIA3murad shah in SAسنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي ادارن کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته، وفاقي ادارا سياسي بنيادن تي ڪارروايون ڪرڻ بند ڪن، ٻي صورت ۾ ٽين ٽپڙ کڻي هليا وڃن، پيپلز پارٽي کي هر دور ۾ ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي .

نوري آباد ۾ تعمير ٿيندڙ پاور پلانٽ جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وڏن ڪيسن ۾ نيب کي گهربل ۽ عدالتن تي حملو ڪرڻ وارا آزادي سان گهمي رهيا آهن، پر بدقسمتي سان رڳو پ پ وارن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي.

هن چيو ته پ پ وارن کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر  پ پ هميشه ڪيسن کي منهن ڏئي اعليٰ عدليا جي فيصلن جو احترام ڪيو آهي ۽ نه ئي اهي فرار ٿيڻ وارن مان آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هن متحده جي دوستن کي ڪيترائي ڀيرا صلاح ڏني آهي ته اهي فاروق ستار کي چون ته گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ڇڏي ۽ کيس اميد آهي ته فاروق ستار تمام جلد ضمانت ڪرائي وٺندو.

NAB logo

وزيراعظم نوازشريف جي سنڌ جي لاڳيتي دوري بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته شڪر آهي ته حڪومت جي آخري سال ۾ نواز شريف کي سنڌ جي ياد آئي آهي ۽ اهو ڪيترو نه سٺو ٿئي ها جو وزيراعظم سنڌ جي دوري دوران ترقياتي منصوبن جي شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪري ها.

وڏي وزير چيو ته خدشن کي ختم ڪرڻ کانسواءِ آدمشماري جا انگ اکر جاري ڪيا ويا ته آدمشماري وارو عمل تڪراري ٿي ويندو، جنهن کي نه رڳو سنڌ حڪومت پر صوبي جو عوام به رد ڪري ڇڏيندو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن ۾ پ پ حڪومت پنهنجا وسيلا استعمال ڪنديس پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ کي هٿي ڏني آهي ۽ پنهجي وسيلن مان سنڌ جو پهريون پارو پلانٽ اپريل جي پهرئين هفتي ۾ بجلي جي پيداوار شروع ڪندو.

مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن وفاقي ادارا سياسي بنيادن تي ڪارروايون ڪندا ته اهي پنهنجو بسترو کڻي هليا وڃن ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ سندن ڪابه جاءِ نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *