Saturday , April 20 2024

وفاقي، صوبائي حڪومت ۽ واپارين جي لاپرواهي20 هزار ماڻهو وبا ۾ مبتلا

ڪراچي ( چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي غير سنجيدگي ملڪ ۾ ڪرونا جي وبا زور وٺي وئي، گذريل چئن ڏينهن دوران 20 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا جي وبا ۾ مبتلا ۽ 400 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن. پاڪستان ۾ ڪرونا کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب وبا جي ٽئين لهر خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل چئن ڏينهن دوران پاڪستان ۾ مجوعي طور تي 5 هزار 50 ماڻهون ڪرونا جي وبا ۾ مب تلا ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت ٻارن ۽ گهٽ عمر وارن ماڻهن جي آهي، ڪرونا جي لهر ۾ مبتلا ٿيندڙ نون مريضن ۾ عورتن جو به وڏو انگ شامل آهي. 10 اپريل تي 114 مريض زندگي جي جنگ هارائي چڪا آهن، پاڪستان ۾ ڪرونا ڪيسز جي شرح 10 ڏهائي 9 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جيڪا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اڃا وڌي ويندي.

صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته، ملڪ ۾ ڪرونا کان بچاءَ لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد ناهي ڪيو ويو، ان ۾ عوام ي لاپرواهي ته شامل آهي ئي آهي پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ، ملڪ جي صنعتڪارن، واپارين ۽ عام واپارين نه ڪاروباري مرڪزن اندر ڪرونا ايس او پيز تي عمل ڪيو ۽ نه ئي خريدارن کي شاپنگ ايرياز ۾ داخل ٿيڻ تي ايس او پيز تي عمل ڪرائين ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *