Thursday , March 28 2024

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سياستدانن خلاف ڪيس ٺاهڻ لاءِ دٻاءُ وڌيو ويو: بشير ميمڻ

  • ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار)فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل پي ٽي آءِ جي حڪومت خلاف اڇو چٺو بيان ڪري ڇڏيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، خواجا آصف سميت مختلف سياسي اڳڪواڻن خلاف ڪيس ٺاهڻ لاءِ دٻاءَ وجهڻ جا الزام. ايف آءِ ايف جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ هڪ نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته، مون کي وزيراعظم هائوس ۾ گهرائي سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪيس تيار ڪرڻ جو چيو ويو، جنهن کان مون انڪار ڪري ڇڏيو، قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته اوهان قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيس تيار ڪيو، اُهو ڪيس عدالتن ۾ مان پاڻ وڙهندس. بذير ميمڻ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم هائوس ۾ ئي مون کي اهو به چيو ويو ته خواجا آصف وٽ اقامو آهي ان خلاف غداري جو ڪيس ٺاهيو، پ پ اڳواڻن مصطفيٰ نواز کوکر، نفيسه شاهه ۽ ٻين انهن اڳواڻن خلاف به ڪيس ٺاهڻ جو چيو جيڪي حڪومت خلاف وڌيڪ سرگرم يا وري ميڊيا تي ڳالهائيندا هئا. بشير ميمڻ چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ قانون تي عمل ڪرائيندڙ آفيسر ڪنهن جي خواهشڻ مطابق غيرقانوني قدم کڻي ڪوڙا ۽ من گهڙت ڪيس ٺاهي، مون ان کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ منهنجي لاءِ کوڙ ساريون ڏکيائيون پيدا ڪيون ويون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *