Friday , April 19 2024

وزيراعظم نواز شريف ۽ حسين نواز جو احتساب ڪندڙؤ اوهان لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين: ن ليگ سينيٽر نهال هاشمي

وزيراعظم نواز شريف ۽ حسين نواز جو احتساب ڪندڙؤ اوهان لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين: ن ليگ سينيٽر نهال هاشمي

ن ليگ جي سينٽر نهسال هاشمي پاناما ڪيس جي جا چ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم کي کُلئي عام ڌمڪيون ڏنيون آن. ن ليگ جي سينيٽر نهال هاشمي هڪ تگقريب کي خطاب ڪندي واضع لفظن ۾ چيو آهي ته“ جاچ ڪندڙ اوهان جنهن کان جاچڪري رهيا آهيو اُهو وزيراعظم نواز شريف جو پٽ آهي، اوهان نيٺ رٽائر ٿيندو. ياد رکو اوهان جو ۽ اوها جي گهر ڀاتين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏينداسين”.

ان سلسلي ۾ وڪيل اڳواڻ شيد رضوي چيو آهي ته، نهال هاشمي جو بيان حومت جي خطرناڪ منصوبا بندي لڳي رهيو آهي.

صحافي سليم صافي جو چوڻ آهي ته نهال هاشمي سچو مسلم ليگي ابت ٿيو آهي ، ڇو ته اُهي سدائين چاهيندا آهن ته جيڪو آفيسر يا جج انهن جي حمايت ۾ فيصلا ڪري، اهو ٺيڪ آهي باقي ٻين سان گهٽ نه ٿنيدي.

صحافي حامد مير چيو آهي ته، ن ليگ وارن جو رويو جمهوريت ۽ ادارن خلاف سازش آهي، ن  ليگ وٽ طاقت ايندي آهي ته ادارن خلاف ائين ئي ڳالهائيندا آهن جيئن نهال هاشمي ڳالهايو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *