Saturday , April 20 2024

وزيراعظم عمران خان نون ليگ جي اڳوڻي سينيٽر کان معيشت بابت رهنمائي وٺڻ لڳو؟

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي بااعتماد ساٿي ۽ ن ليگ جي اڳوڻي سينيٽر هارون اختر کي ايف بي آر بابت وزيراعظم جو خاص معاون مقرر ڪرڻ يا چيئرمين ايف بي آر جون ذميواريون به ڏيڻ جو امڪان

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي انتهائي بااعتماد ساٿي رهندڙ ۽ نون ليگ جي اڳوڻي سينيٽر کان ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ صلاحون وٺي رهيو آهي، اڱاري واري ڏينهن 11 فيبروريءَ تي وزيراعظم هائوس ۾ ملڪي معيشت ۽ مهانگائي بابت اجلاس کان ڳ وزيراعظم عمران، پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيل همايون اختر جي ننڍي ڀاءُ ۽ نون ليگ جي اڳوڻي سينيٽر هارون اختر سان رابطو ڪري کيس معيشت جي بهتري بابت صلاح مشورا ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي ۽ وزيراعظم هائوس سڏايو هو. وزيراعظم عمران خان، هارون اختر کان ايف بي آر کي بهتر بڻائڻ، ٽيڪس وصولين سميت مهانگائي تي ضابطي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي.

 ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، وزيراعظم عمران خان پاران پنهنجي ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ سان به صلاح مشُوا ڪيا ويا آهن ته، جيڪڏهن باضابطا طور تي هارون اختر جون خدمتون ايف بي آر بابت حاصل ڪيون وڃن ته ان تي کيس ڪو اعتراض ته نه هوندو، جنهن تي حفيظ شيخ وزيراعظم کي ايف بي آر جي چيئرمين شپ هارون اختر حوالي ڪرڻ بدران کيس روينيو / ايف بي آر بابت ڪا ٻي ذميواري ڏني وڃي ته بهتر ٿينديو، ايف بي آر چيئرمين لاءِ جيڪڏهن شبرزيدي واپس ذميواريون سنڀالي ٿو ته ٺيڪ آهي ٻي صورت ۾ ان لاءِ ڪنهن ٻئي نالي تي غور ڪيو وڃي. سنڌسماءَچار جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته هارون اختر کي ايف بي آر بابت وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪيو وڃي يا وري ايف بي آر جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي، پر هارون اختر جي ايف بي آر مقرر ڪرڻ تي وزيراعظم کي نه رڳو پارٽي اندر پر ايف بي آر ۽ ناڻي واري وزارت جي مخالفت کي ب ه منهن ڏيڻو پوندو، جيئن شبر زيدي واري معاملي تي ايف بي آر جي بيوروڪريسي جو رد عمل هلندڙ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *