Saturday , April 20 2024

وزيراعظم عمران خان مڊٽرم اليڪشن جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چيئرمين کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪندي پارٽي اڳواڻن کي وچ مُدي وارين چونڊن جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ خميس ڏينهن پي ايم هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن بابت ٿيل اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت اپوزيشن جو هر محاذ تي مقابلو ڪندي، ان لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ مليل ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق وزيراعظم عمران خان سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن دوران سمورن سينيٽرز کي حاضري يقني بڻائڻ ۽ سمورن وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن ۽ پارٽي ترجمانن کي اسلام آباد ۾ ئي موجود رهن. وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ پي تي آءِ جي سينئر اڳواڻن کي اها به هدايت ڪئي ته اُهي پارٽي جي نئين سِر تنظيم سازي لاءِ پلان جوڙين، جيئن اپريل مهيني جي پهرين هفتي کان ان کي حتمي شڪل ڏئي تنظيم سازي ڪئي وڃي. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم پي ٽي آءِ جي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي پي ڊي ايم جي قيادت خاص طور تي مريم نواز، آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني، مولانا فضل الرحمان، شاهد خاقان عباسي ۽ مريم اورنگزيب کي سخت جواب ڏين.

خميس ڏينهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ  ٿيل اجلاس بابت مليل ڄاڻ موجب، وزيراعظم عمران خان سينيٽ اليڪشن دوران ۽ هاڻي سينٽ چيئرمين جي چونڊ جي سلسلي ۾ پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن جي غيرسنجيده روين جو ذڪر ڪندي مٿن تنقيد ڪئي خاص طور تي شاهه محمود  قريشي، شفقت محمود، اسپيڪر اسد قيصر، پرويز خٽڪ ۽ اتحادي شيخ رشيد تي غير ذميواراڻن روين جو الزام لڳايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي پي ٽي آءِ جي نئين سر تنظيم سازي جا پلان تيار ڪن، جن تي اپريل جي پهرين هفتي کان غور ڪيو ويندو ۽ تنظيم سازي لاءِ حتمي پلان جوڙي ان تي عملدرآمد ڪيو يويندو. وزيراعظم پارٽي اڳواڻن کي مڊٽرم اليڪشن ڪرائڻ جو به اشارو ڏنو آهي، جنهن جي پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻن ۽ وفاقي ڪابينا جي ڪجهه وزيرن سخت مخالفت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *