Thursday , April 18 2024

واپارين جي آرمي چيف آڏو شڪايتن جو ڪو به جواز نه هو: نيب چيئرمين

نيب چيئرمين واپارين پاران آرمي چيف آڏو نيب خلاف ڪيل شڪايتن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽر سنڌ سماءَ چار) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال واپارين پاران آرمي چيف آڏو نيب خلاف ڪيل شڪايتن کي بنا جواز قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته، واپارين جي وفد وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات دوران نيب خلاف شڪايتون ڪيون ۽ نيب تي خدشن جو اظهار ڪيو. نيب چيئرمين جاويد اقبال دعويٰ ڪئي ته، جن دوستن اجلاس دوران نيب بابت خدشن جو اظهار ڪيو انهن پاڻ نيب جي حق ۾ تعريفي خط لکيا. (سنڌ سماءَ چار )

نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته، نيب جي بابت لکيل خطن ۾ موضوعن کي ڪنهن مناسب وقت تي ظاهر ڪيو ويندو پر انهن خطن لکندڙن جا نالا ظاهر نه ڪبا، ڪٿي ائين نه ٿئي ته ته انهن جي عزت نفس متاثر ٿئي.  www.sindhsamaachar.com

نيب ڪاروباري طبقي لاءِ قدم کڻي چڪو آهي، ڪاروباري طبقي وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نيب جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو ويو. نيب چيئرمين چيو ته واپارين جا ڪجهه خدشا بي بنياد هئا، جِن کي رد ڪريان ٿو، تنهن ڪري هُن سمجهيو ته بنا جواز تنقيد جو جواب ڏيڻ ضروري آهي. نيب جي قيام کي 21-22 سال ٿي چڪا آهن ۽ آئون 22 مهينن مان نيب چيئرمين آهيان، ادارن ۾ گهٽ وڌايون ٿي سگهن ٿيون.

نيب چيئرمين چيو ته نيب اهڙو ڪوبه قدم نه کڻندو، جنهن سان ڪاروباري طبقي کي پريشاني ٿئي، ڪاروبار جي 10 عنصرن مان هڪ جو به نيب شيئر هولڊر نه آهي. ٽئڪس لڳائڻ ۽ اضافو ڪرڻ ۾ نيب جو ڪوبه ڪردار نه آهي. جڏهن ته نيب ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪري چڪو آهي ته ڪاروباري طبقي کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي. سموري دُنيا ۾ روزگار مهيا ڪرڻ خانگي طبقي جو ڪم آهي.  (سنڌ سماءَ چار) نيب چيئرمين چيو ته سندس چوڻ هو ته نيب طرفان ڪنهن به واپاري کي بنا جواز پريشان نه ڪيو ويو آهي، اُميد ته واپارين جا نيب جي حوالي سان مسئلا حل ٿي ويندا. نيب مسئلو نه، مسئلن جو حل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *