Friday , March 29 2024

واٽر ڪميشن نوابشاهه ۾ پاڻي منصوبن جي فنڊز بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڻي ڪميشن، نوابشاهه اسپتال ۾ پاڻي فراهمي جِي حوالي سان فنڊز بابت جواب داخل ڪرائڻ لاءِ ناڻي کاتي جَي ايڊيشنل سيڪريٽري کي 7 اگسٽ تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جِي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڻي ڪميشن جِي ڪارروائي ٿي. نوابشاهه اسپتال ۾ پيئڻ جَي پاڻي جِي فراهمي حوالي سان فنڊز وارَي معاملي تي امير هاني مسلم، پاڪستان اِسٽينڊرڊس اينڊ ڪوالِٽي ڪنٽرول اٿارٽي جَي ڊِي جِي کي 2 آگسٽ تي طلب ڪندي رمارڪس ڏنا ته جيڪا ڪمپني اسپتال کي پاڻي فراهم ڪري پئي، اها پي ايس ڪيو سي اي وٽ رجسٽرڊ ناهي. ڪميشن سربراهه چيو ته وضاحت ڪئي وڃي ته اها ڪمپني پاڻي سپلاءِ ڪري سگهي ٿي يا نه؟ ۽ ڊي سي شهيد بينظير آباد اسپتال سمورن وارڊز مان پاڻي جا نمونا وٺِي سڀاڻي تائين رجسٽري کي اماڻي. امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته ايم ايس اسپتال ۾ پيسن جَي خرچ تي مطمئن نٿو ڪري سگهي، صحت ۽ ناڻي وارا کاتا ڪميشن جا حڪم نظر انداز ڪرڻ ۾ برابر جا شريڪ آهن.

پاڻي ڪميشن سربراهه رمارڪس ڏنا ته بدقسمتي سان پيئڻ جَي پاڻي جِي بجيٽ 2 ڪروڙ 65 لک رپيا هئي، پاڻي معاملي تي سنجيدگي ڇو نه ڏيکاري وئِي؟ اُهي پيسا صاف پاڻي تي خرچ ڪيو ها ته ماڻهوگندو پاڻي پيئڻ سان نه مرن ها. امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته جيڪو ڪم ڪرڻو هوندو آهي هڪ منٽ ۾ ڪندا آهيو جيڪو ناهي ڪرڻو هوندو ان ۾ عرصو لڳائي ڇڏيندا آهيو. ان کان اڳ نوابشاهه اسپتال جي ايم ايس ڪميشن وٽ پيش ٿي فنڊز جا تفصيل پيش ڪيا، جيڪي مطمئن ڪندڙ نه هئڻ تي کانئس سخت پڇاڻو ڪيو ويو. نوابشاهه اسپتال جي ايم ايس آگاهي ڏني ته فلٽر پلانٽس جا نتيجا خراب آيا آهن، جنهن تي امير هاني مسلم پڇاڻو ڪيو ته هي مشينري ڪنهن لاءِ گهرايو ٿا؟ ڇا مريضن لاءِ ته گندو پاڻي پي اُتَي ئِي مري وڃن. پاڻي ڪميشن سربراهه رمارڪس ڏنا ته پيسا واپس ڪيو يا توهين عدالت جِي ڪارروائي کي منهن ڏيو، فنانس، هيلٿ ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتن جا سيڪريٽري به ان ۾ ملوث آهن. پاڻي ڪميشن سربراهه، نوابشاهه اسپتال ۾ پاڻي فراهمي جي حوالي سان فنڊز بابت جواب داخل ڪرائڻ لاءِ  ناڻي کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي مهلت ڏيندي ڪارروائي 7 اگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *