Tuesday , April 16 2024

هوائن جو رخ بدلجي پيو، صاحب اقتدار وارن لاءِ قائم تاثر ختم ٿي ويندو: نيب چيئرمين

هوائن جو رخ بدلجي پيو، صاحب اقتدار وارن لاءِ قائم تاثر ختم ٿي ويندو، ڀلي صوبن جو ڪارڊ استعمال ڪيو وڃي پر احتساب جاري رهندو: نيب چيئرمين

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته، هوائن جو رخ بدلجي رهيو آهي، هاڻي هڪ طرفي احتساب وارو تاثر ختم ٿي ويندو، صاحب اقتدار وارن لاءِ نيب جي رويي بابت ٿيندڙ ڳالهين جو به خاتمو ويندو. اسلام آباد ۾ نيب آفيسرز جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرن جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته،  ڪجهه ماڻهن کي زُڪام به ٿئي ٿو ته علاج لاءِ لنڊن هليا وڃن ٿا، هاڻي اهڙن ڪيسز ڏانهن وڃي رهيا آهيون، جِن سان بظاهر هڪطرفي احتساب وارو تاثر ختم ٿي ويندو، ڪجهه ماڻهو صوبي جو ڪارڊ استعمال ڪن ٿا، پر نيب ڪارروائيون جاري رکندو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران نيب چيئرمين چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته بي آر ٽي پشاور وآري ڪيس ۾ هلندڙ عدالتي اسٽي آرڊر جلد ختم ٿي وڃي ان لاءِ نيب عدالت سان جلد رجوع ڪندو. هن چيو ته ججز جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي، جِن نيب جو قانون پڙهيو نه آهي، اُهي به تنقيد ڪري رهيا آهن، نيب جا آفيسر بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. تقريب کي خطاب دوران رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو ته هو ذاتي تنقيد سان گهٻرائڻ وارو نه آهي،الزام لڳائڻ، ڪردارڪشي ۽ ڌمڪيون ڏيڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو. ڪجهه ماڻهو وري صوبي جو ڪارڊ استعمال ڪري رهيا آهن، اُن سان فرق نه پوندو ۽ صوبي جو ڪارڊ استعمال ٿيڻ باوجود نيب پنهنجون ڪارروائيون جاري رکندو. نيب چيئرمين چيو ته، نيب جو ڪنهن به سياسي گروهه يا گروپ سان واسطو نه آهي، نيب جي نه ڪنهن سان دوستي ۽ نه دشمني آهي، اسان جي طرفان نه ڪا ڊيل ٿيندي، نه ڍر هوندي ۽ نه ئي اين آر او هوندو. چيو پيو وڃي ته نيب سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي، ٻڌايو ته نيب سياسي انتقام ڇو وٺندو؟ اسان جو ڪنهن سان ملڪيتي تڪرار نه آهي جو انتقام وٺون، هاڻي اهڙن ڪيسز ڏانهن وڃي رهيا آهيون، جِن سان اهو تاثر ختم ٿي ويندو ته بظاهر هڪ طرفو احتساب ٿي رهيو آهي. 2017ع کانپوءِ ڪو به وڏو اسڪينڊل سامهون نه آيو آهي.

” ٻار ڪتن جي ويجهو نه وڃن، اسان ڪتا سنڀاليون يا ٻار“: ڊاڪٽر عذرا پيچوهو

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *