Tuesday , April 16 2024

هاڻي سنڌ جو فرعون به نواز شريف جيان پڇندو ته مونکي ڇو ڪڍيو ويو: عمران خان

Imran khan sukkur

عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري سنڌ جي عوام جو پئسو ڦري پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهيون، سنڌ جا ماڻهو آصف زرداري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ منهنجو ساٿ ڏين، اڄ نوازشريف چوي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو، ڪجهه عرصي کانپوءِ سنڌ جو هڪ فرعون به چوندو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو.

پي ٽي آءِ پاران سکر ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي لبِ مهراڻ گرائونڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته، نوازشريف ۽ آصف زرداري ۾ اهو فرق آهي ته زرداري کي ڪڍيو ويندو ته، هو نواز شريف جيان اداڪاري نه ڪندو .

پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان چيو ته، اڄ نواز شريف پڇي رهيو آهي ته کيس ڇو ڪڍيو ويو ۽ جلد سنڌ جو هڪ فرعون به سوال ڪندو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو، زرداري سنڌ جي ڦورن جو سردار آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته پاناما معاملي ۾ ڦاٿل هجڻ ڪري سنڌ تي توجهه نه ڏئي سگهيس هاڻي سنڌ جا دورا ڪري عوام تائين تبديلي جو پيغام پهچائيندس، سنڌ جو عوام تبديلي ۽ سنڌ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ منهنجو ساٿ ڏيندو.

عمران خان چيو ته، هُن 21 سال اڳ جڏهن سنڌ ۾ سياست شروع ڪئي هئي ته سنڌ جون حالتون اڄ کان بهتر هيون، ايتري بيروزگاري ۽ بدحالي نه هئي. عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪرپشن خلاف هلايل جدوجهد جي نتيجي ۾ گاڊ فادر کي عوام روڊن تي نڪري شڪست ڏني، نواز شريف جمهوريت بچائڻ لاءِ ڪم ناهي ڪيو پر کيس سدائين پنهنجي ملڪيت بچائڻ جي ڳڻتي رهي آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته نواز شريف ٽرمپ جي ڌمڪين تي هڪ لفظ به نه ڳالهايو، هُو ڀارتي جاسوس ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائڻ جو اعتراف ڪندڙ ڪلڀوشن جو اڄ تائين هڪ لفظ به ناهي ڳالهايو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *