Friday , March 29 2024

هاري ، آبادگار دوست بجيٽ آڻيو، اسلام آباد ۾ پنجاب جي هارين جو احتجاج، پوليس مٿن بدترين تشدد – ن ليگ ڊڪٽيٽر ضياءَ جو زمانو ياد ڏياريو: خورشيد شاھ

پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پاڪستان ڪسان ڪائونسل جي سڏ تي وفاقي بجيٽ ۾ هارين، آبادگارن ۽ ننڍن کاتيدارن جي بهتري لاءِ خاص فنڊز ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پنجاب جي هارين جي ۽ آبادگارن جي سڏ تي احتجاج ڪندڙن تي اسلام آباد پوليس ائين ڪڙڪي پئي ڄڻ اهي پارليامينٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ پهتا هجن. اپوزيسن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته پرامن احتجاج ڪندڙن تي تشدد ن ليگ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس احتجاج ڪندڙن کي ڀڄائڻ لاءِ مٿن لاٺي چارج ڪيو ته به اُهي واپس نه ٿيا ته پوليس مٿن واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو. تشدد باواجود به احتجاج ڪندڙ ٿور دير لاءِ ڪنڊائتا ٿي وري رستن تي نڪري آيا ۽ اهڙي طرح پوليس ۽ ڪسان اتحاد جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وچ ۾ وٺ وٺان جاري رهي.

هارين تي تشدد واري واقعي جي مذمت ڪندي عمران خان چيو آهي ته، نواز ليگ پرامن ۽ هٿين خالي احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪري پنهنجي شهن شاهيت جو ثبنوت ڏنو آهي. وفاقي بجيٽ غريب دشمن آهي خاص طور تي هارين ۽ مزدورن ان ۾ ڪو به پيڪيج ناهي رکيو ويو.

مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته، ن ليگ احتجاج ۽ آئيني حق گهرندڙ هارين تي بي رحماڻو تشدد ڪري واضع ڪري ڇڏيو آهي ته اُهي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جو روحاني اولاد آهن ۽ سندس روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ انهن اهڙو ظالماڻو قدم کنيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ن ليگ ذهني طور تي ڪڏهن به جمهوري پارٽي جو ثبوت ناهي ڏنو ۽ نه وري اهڙي ڪا ڪوشش ڪئي آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *