Thursday , March 28 2024

ن ليگ حڪومت خلاف ڌرڻو ڪنهن هڻايو؟ مريم نواز ٻڌائي ڇڏيو

ڳڙهي خدابخش( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نون ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نون ليگ جي حڪومت ختم ڪرائڻ لاءِ اسٽبليشمينٽ منصوبابندي ڪري پي ٽي آءِ کي آرگنائيز ڪري اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻايو ويو، پيپلزپارٽي جمهوريت کي بچايو، مشرف شهيد بينظير ڀٽو جون قاتل ۽ آئين  ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ آئين ۽ قانون مطابق سزا ڏني. ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي تيرهين ورسي جي  موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته، جنرل پاشا نواز جي حڪومت ختم ڪرائڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي ذريعي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻايو هو، اسان کي تڏهن به جمهوريت خلاف سازشن جي خبر هئي ۽ هاڻي جمهوريتپسندن جي تحريڪ خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ سازشون سٽيندڙن جي خبر آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو ڏک صرف پيپلزپارٽي کي آهي پر ان جو ڏک ۽ زخم اسان جي دلين تي به آهي جيڪو زخم پوري پاڪستان جي عجوام  جو ڏپک آهي. مريم  نوزا چيو ته شهيد ڀٽو جي شاهدت جيان بينظير ڀٽو جي شهادت به تاريخ جو لوڏو سانحو آهي، بينظير ڀٽو جسماني طور تي عوام کان وڇڙي آهي پر اها اڄ به لکين ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي. مريم نواز چيو ته اوهان ڪنهن شخص کي شهيد ڪري سگهو ٿا، ڪنهن کيڪوڙن ڪيسن ۾ قيد ۽ سزائون ڏئي جلا وطن ته ڪري سگهو ٿا پر ا ن جي نظريي کي قيد نه ٿا ڪري سگهو. جلسددسي کي خطاب ڪندي نون ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو ته ميان محمد نواز شريف ۽ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ ادارن کي پنهنجي پنهنجي آئيني ۽ قانوني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ لاءِ سياسي معاهدو ڪيو. هن چيو ته اسان کي پاپا جونز وارن جو پاڪستان نه کپي اسان کي اسان جي عوام ۽ ووٽ جي عزت وارو پاڪستان گهرجي ۽ اُهو هن سليڪٽيڊ ۽ نااهل حڪمرانن کي گهنر موڪلڻ سان ئي ممڪن آهي.

نيب سان پلي بارگين ۽ وي آر ڪندڙ سنڌ حڪومت جي 300 کان وڌيڪ ڪامورن خلاف ڪريڪ ڊائون جون تياريون

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *