Friday , March 29 2024

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا محمد يعقوب مجاهد افغانستان جو دفاع جو وزير مقرر

قاري فصيح الدين طالبان جي فوج جو آرمي چيف مقرر

ڪابل ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) آمريڪا ۽ اتحادين پاران جي افغانستان خالي ڪري وڃڻ بعد طالبان پاران قبضو ڪيل افغانستان ۾ طالبان پنهنجي نگران حڪومت جوڙي ڇڏي، نگران وزيراعظم محمد حسن اخون ۽ سندس نائب ملا عبدالغني برادر نائب وزيراعظم جي سربراهي ۾ 33 ڄڻن تي ٻڌل وزيرن ۽ صلاحڪارن جي ڪابينا به قائم. طالبان ترجمان ذبيح الله ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته طالبان افغانستان ۾ عارضي حڪومت جي قيام جو فيصلو ڪندي محمد حسن اخوند نگران وزيراعظم ۽ ملا عبدالغني برادر نائب وزيراعظم هوندو. طالبان ۽ نئين قائم ڪيل افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس دوران ڪابينا جي ميمبرن جو اعلان ڪيو. طالبان جي نگران حڪومت جي ڪابينا ميمبرن ۾طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا محمد يعقوب مجاهد افغانستان جو دفاع وارو وزير مقرر ڪيو ويو آهي.

ذبيح الله مجاهد چيو ته سراج الدين حقاني گهرو وزير، ملا هدايت الله بدري کي ناڻي واري وزارت ڏني وئي آهي. شيخ الله منير تعليم، مولوي امير خان متقي افغانستان جي طالبان حڪومت جو پرڏيهي وزير ۽ شير محمد عباس سٽانڪزئي کي نائب پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. ذبيح الله مجاهد چيو ته خليل الرحمان حقاني پناهگيرن واري وزارت سنڀاليندو، قاري فصيح الدين آرمي چيف هوندو.

ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شيخ مولوي نور محمد ثاقب حج ۽ اوقاف جو وزير، ملا نور  الله نوري سرحدي ۽ قبالئي معاملن جو وزير، ملا محمد يونس اخونزادا معدني وسيلن، حاجي محمد عيسيٰ پيٽروليم ۽ ملا حميد الله اخونزادا ٽرانسپورٽ واري وزارت جو وززير مقرر ڪيو ويو آهي. افغان طالبان حڪومت جي ترجمان چيو ته حاجي ادريس کي افغان مرڪزي بئنڪ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *