Friday , April 19 2024

نيٺ شهباز شريف پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) موجوده پارليامينٽ جي قائم ٿيڻ جي لڳ ڀڳ چئن مهينن کانپوءِ حڪومت کي اپوزيشن جو مطالبو مڃڻو پئجي ويو ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اَي سي) جي چيئرمين شپ اپوزيشن کي ڏئي ڇڏي، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي قائم ٿيڻ بعد مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ نون ليگ جي صدر ميان شهابز شريف کي پي اي سي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو مطالببو ڪيو هو، جنهن تي اپويزيشن ۽ پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت وچ ۾ اختلافن سبب ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي ويو هو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جمعي ڏينهن 20هين ڊسمبر تي پي اي سي جي قيام جو اعلان ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. جنهن بعد قومي اسيمبلي  جي سيڪريٽري پاران پي اي سي جي قيام جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويوهو.

پي اي سي جو چيئرمين چونڊجڻ بعد اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته، شهباز شريف چيو ته اپوزيشن پاران اعتماد جو اظهار ڪري سندس خلاف ڪو به اميدوار سامهون نه آڻي جيڪو اعتماد ڪيو ويو آهي ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته سندس ڪوش هوندي ته احتساب وارو عمل بنا ڪنهن فرق جو ڪيو وڃي پوءِ ان ۾ نون ليگ جي حڪومتي دور جو به مالي بيضابطگين جو معاملو ڇو نه هجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *