Friday , March 29 2024

نيب هٿان مڪاني ادارن واري کاتي جا 2 آفيسر گرفتار، ٻه ڪروڙ روڪ ۽ سون هٿ

ڪراچي(رپورٽر سنڌ سماءَ چار) نيب هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت ۾ ڪرپشن ڪندڙ بااثر آفيسرز خلاف ڪارروائي ڪندي مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري جي پرائيويٽ سيڪريٽري رمضان سولنگي ۽ ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ويسٽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر اسٽبلشمينٽ جاويد قمر شيخ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 2 ڪروڙ رپيا (پاڪستاني ۽ غير ملڪي ڪرنسي)، سون ۽ بانڊز هٿ ڪرڻ بعد کين اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، رمضان سولنگي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ سنڌ حڪومت ۾ اثر رسوخ رکندڙ پيپلز پارٽي جي هڪ بااثر شخصيت جو منظور نظر آهي.

نيب ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ قائم مڪاني ادارن واري کاتي جي آفيس تي ڇاپو هنيون. ڇاپي دوران نيب ٽيم کاتي جي سيڪريٽري محمد رمضان اعواڻ جي پرائيويٽ سيڪريٽري (پي ايس) رمضان سولنگي کي سندس آفيس مان گرفتار ڪيو. نيب عملدارن موجب رمضان سولنگي جي گرفتاري بعد سندس ئي نشاندهي تي، روڪ رقم، سونا زيور، سون جا بسڪٽ، قيمتي ملڪيتن جا دستاويز ۽ ڪوڙين فرمز جا دستاويز هٿ ڪيا ويا؛ انهن دستاويزن ذريعي سرڪاري ٺيڪا ڏئي ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا ويا. رمضان سولنگي تي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ، ڪراچي جي ڊي ايم سيز ۽ يونين ڪائونسلز سميت کاتي جي لاڳاپيل ٻين ادارن مان رشور/ڀتو وٺڻ جا به الزام آهن. نيب اختگيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ٻنهي آفيسرز کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جنهن دوران وڏا ڦاٽ ڦاٽن جو امڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *