Wednesday , April 24 2024

نيب جو ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي ويسٽ جي آفيس تي ڇاپو

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪراچي جي ڊي ايم سي ويسٽ جي هيڊ آفيس تي نيب ٽيم ڇاپو هڻي سمورو ريڪارڊ تحويل ۾ وٺي ورتو. تحويل ۾ ورتل ريڪارڊ ۾  ايجوڪيشن، هيلٿ ۽ فنانس ڊپارٽمنٽس جو  ريڪارڊ شامل آهي. نيب ٽيم ڊي ايم سي ويسٽ جي هيڊ آفيس تي ڇاپو هڻي ريڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. ان موقعي تي ٽيم ڪارروائي کان اڳ اورنگي زون آفيس  جا دروازا بند  ڪري ڇڏيا ۽ ڪنهن کي به اندر اچڻ نه ڏنو ويو. نيب جي ٽيم جيئن ئي ڪارروائي جي شروعات ڪئي، سمورا عملدار ۽ ملازم نڪري هليا ويا. ان موقعي تي نيب اهلڪارن آفيس جا تالا ڀڃي ريڪارڊ قبضي ۾ وٺي  ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *