Thursday , March 28 2024

نواز شريف ۽ شهباز شريف اڄ شام علاج لاءِ لنڊن پهچي ويندا

نواز شريف ۽ شهباز شريف کي کڻي ويندڙ ايئرايمبولينس ۾ آءِ سي يو سميت جديد ترين طبي سهولتون موجود، هنگامي صورت ۾ سرجري جي به سهولت موجود

لاهور (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ايئرايمبولينس ذريعي دوحا رستي لنڊن روانو ٿي ويو، نواز شريف سان گڏ سندس ڀاءُ شهباز شريف، ڊاڪٽر عدنان ۽ 2 ذاتي ملازم به ساڻس گڏ آهن، نواز شريف اڄ شام جو لنڊن پهچي ويندو، وفاقي حڪومت گذريل رات دير سان نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بدران لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي صرف چئن هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نامي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيوهو. جاتي امراءَ کان لاهور ايئرپورٽ تائين نواز شريف کي سخت سيڪيورٽي هيٺ نيون ويو. نواز شريف سان گڏ سندس ڀاءُ شهباز شريف، ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان ۽ سندس 2 خاص ذاتي ملازم به نواز شريف سان گڏ موجود آهن.

نواز شريف کي لاهور ايئرپورٽ تان قطر ايئر لائينز جي خصوصي ايئر ايمبولينس ذريعي لنڊن نيو پکيو وڃي، جيڪا دوحا ۾ ڪجهه دير قيام ڪرڻ کانپوءِ لنڊن ويندو جيڪو اڄ شام لنڊن پهچي وين دو. نواز شسريف کي کڻي ويندڙ ايئر ايمولينس ۾ جديد ترين طبي سهولتون موجود آهن، اِي ٿري 19 ايئر ايمبولينس ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ سي يو، آپريشن ٿيئٽر ۽ وينٽي لينٽر جهڙين سهولتن کانسواءِ سرجري جون به سهولتون موجود آهن. لنڊن لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ ائير ايمبولينس ۾ اڳوڻي وزيراعظم جو طبي معائنو ڪيو ويو، جنهن دوران نواز شريف جا پليٽي ليٽس 40 هزار تائين هئا.

مريم نواز کي والد سان گڏ لنڊن وڃڻ جي اجازت نه ملي، ايئرپورٽ تائين پاڻ نه وئي

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف کي ڌيءُ مريم نواز ۽ والده گهر کان الوداع ڪيو، باقي ايئرپورٽ تائين ساڻس گڏ نه ويون. جڏهن ته شهباز شريف ماڊل ٽائون کان ايئرپورٽ پهتو. اُن کانسواءِ نواز ليگ جا مرڪزي اڳواڻ به پهتا، جِن ايئرپورٽ تي پنهنجي قائد جي آجيان ڪئي. اُن کان اڳ نواز شريف جڏهن لاهور ايئرپورٽ لاءِ روانو ٿيو ته گهر ٻاهران موجود وڏي انگ ۾ ڪارڪنن نعريبازي سان گڏ گُلپاشي به ڪئي.

” ٻار ڪتن جي ويجهو نه وڃن، اسان ڪتا سنڀاليون يا ٻار“: ڊاڪٽر عذرا پيچوهو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *