Friday , April 19 2024

نواز شريف پاڪستان ٽوڙڻ چاهي ٿو: ڪرپشن ڪيسز کي منهن ڏيندڙ ڊاڪٽر عاصم حسين

ڪراچي(اصغر آزاد سنڌسماءَچار) اربين رپين جي ڪرپشن ڪيسز کي منهن ڏيندڙ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويز جي صدر ڊاڪٽر عاصم حسين، اڳوڻي وزيراعظم ۽ ڪرپشن جي الزامن هيٺ نااهل ٿيل نوازشري کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ڊاڪٽر عاصم حسين وطن واپسي بعد ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته، نوازشريف پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهي ٿو.

پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته نون ليگ وارا خاص تور تي شريف خاندان ٻٽي معيار وارا ماڻهو آهن، سندن قول ۽ فعل ۾ فرق آهي. نواز شريف ملڪ کي ٽوڙڻ چاهي ٿو ۽ خطي ۾ 200 سال پهريان نوابن وارا حڪمراني جو دور واپس آڻڻ چاهي ٿو. لنڊن مان واپسي تي ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته (ن) ليگ وارا ملڪ کي 200 سال پوئتي وٺي وڃڻ چاهين ٿا. ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته اسان پهريان به پاڪستان بچايو ۽ هاڻي به بچائينداسين. هي ملڪ توهان جو نه 20 ڪروڙ عوام جو آهي. اڳوڻي پيٽروليم واري وزير چيو ته اسان جي سياست پاڪستان جي بقا لاءِ آهي. اسان پاڪستان مان ڀڄڻ وارن مان ناهيون. پيپلز پارٽي اڳواڻ چيو ته جيڪي چوندا هئا ته مان نه ايندس، اهي ڏسي وٺن مان اچي ويو آهيان، جنهن منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا هو انهن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر عاصم وڌيڪ چيو ته هو عسڪري قيادت سان گڏ بيٺل آهن. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي ٻين اڳواڻن طرفان ملڪ جي عسڪري ادارن کي مبينا طور تي تنقيد جونشانو بڻائڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر عاصم چيو ته نواز شريف کي تجويز ڏني ته عسڪري قيادت سان وڙهڻ سٺو نه ٿيندو. هن نااهل قرار ڏنل شخص تي الزام هنيو ته نواز شريف پاڪستان ٽوڙڻ چاهي ٿو ۽ زمين جي هڪ حصي تي حڪمراني ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *