Friday , March 29 2024

نواز شريف جي گرفتاري، شهباز شريف کي نظر بند ڪرڻ جو امڪان،ن ليگ خلاف ڪريڪ ڊائون

اسلام آباد/لاهور( رپورٽر/خاص نمائندو) پنجاب جي نگران حڪومت پاران اڳوڻي وڏي وزير ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف کي نظربند ڪرڻ جو جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، جيڪڏهن شهبازشريف جمعي تي نواز شريف جي استقابل لاءِ ريلي ڪڍي ايئرپورٽ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس حراست ۾ وٺي نظر بند ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ پنجاب جي نگران گهرو وزير شوڪت جاويد چيو آهي ته لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ٿيل آهي، شهباز شريف کي قانون هٿ ۾ کڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ قانون حرڪت ۾ اچي ويندو.

ٻي طرف نواز شريف جي لاهور پهچڻ شرط گرفتاري کانپوءِ پوءِ واري صورتحال کان ڊنل نگران حڪومت لاهور،عارف والا ۽ شيخوپوره سميت اڪثر شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون تيز ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ن ليگ خلاف ڪارروائيون ڪندي لاهور ۽ شيخوپوره سميت مختلف شهرن مان 500 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پنجاب پوليس گرفتارين جو سلسلسو تيز ڪري ڇڏيو آهي. لاهور  ايئرپورٽ طرف ايندڙ ويندڙ سمورا رستار ڪنٽينرز، ٽئنڪرز ۽ ٻيون رنڊڪون وجهي بند ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ رستار سيل ڪرڻ جو به سلسلو جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *