Friday , April 19 2024

نواز شريف جي جي آءِ ٽي آڏو پيشي، سيڪيورٽي انتظام وزيراعظم لاءِ يا جوابدار لاءِ ؟؟

PM Nawaz 02

پاناما اسڪينڊل جي منظر تي اچڻ کانپوءِ شريف خاندان لاءِ شروع ٿيل پريشانين مان وڏي پريشاني جو ڊراپ سين اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن تحت وزيراعظم ميان نوازشريف اڄ 15 هين جون جي صبح جو يارهين وڳي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي رهيو آهي.

پاڪستان مسلم ليگ جو سربراهه ميان نواز شريف پاناما اسڪينڊل ۾ سپريم ڪورٽ جي جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم آڏو اڄ صبح جو يارهين وڳين پيش ٿي رهيو آهي. نوازشريف جي پيشي جي حوالي سان وزيراعظم هائوس کان وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي تائين وارا سمورن دڳن تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

جي آءِ ٽي وزيراعظم کان حديبه پيپر ملز ۽ چوڌري شگر ملز سميت ٻين لاڳاپيل مامرن بابت سوال پڇندي. نواز شريف جي جي آءِ ٽي آڏو پيشي جي حوالي سان اهو به سوال اڀري رهيو آهي ته ڇا نواز شريف جي آءِ ٽي آڏو هڪ جوابدار جي حيثيت ۾ پيش ٿيندو؟  وزيراعظم يا پاناما اسڪينڊل، لنڊن فليٽس ۽ انهن جي مني ٽريل سميت لاڳاپيل ٻين مامرن جي سلسلي ۾ هڪ شاهد طور جي آءِ تي آڏو پيش ٿيندو.

وزيراعظم نواز شريف پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ اڄ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيندو، قطري شهزادي جي خط، مي فيئر فليٽس، آمدني جي ذريعن، حديبيه پيپرز ملز ۽ مريم نواز جي سنڀال هيٺ هجڻ يا نه هجڻ سميت ٻين معاملن بابت وزيراعظم کان پڇاڻو ڪيو ويندو، وزيراعظم پاڻ سان گڏ جي آءِ ٽي کي گهربل رڪارڊ به کڻي ويندو، وزيراعظم ويجهن ساٿين ۽ قانوني صلاحڪارن سان صلاح مشورا مڪمل ڪري ورتا آحن. جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به مڪمل ڪيا ويا آهن.

JIT PM security 1

ذريعن موجب اڄ ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر واجد ضياءُ جي سربراهي ۾ جا چ ٽيم وزيراعظم نواز شريف کان پاناما ڪيس تحت لڳل الزامن جي روشني ۾ پڇا ڳاڇا ڪندي، جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف کان مي فيئر فليٽس، حديبيا پيپرز ملز، قطري شهزادي جي خط، مريم نواز جي سنڀال هيٺ هجڻ يا نه هجڻ ۽ مني ٽريل جي حوالي سان سوال ڪيا ويندا. وزيراعظم نواز شريف جي پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، پوليس، رينجرز، ايف سي، ٽرئفڪ پوليس ۽ اسپيشل برانچ جا اڍائي هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

JIT PM security 2

سنڌ سماءَچار جي ذريعن موجب وزيراعظم نواز شريف جي منع ڪرڻ باوجود پيشي جي موقعي تي (ن) ليگ جي ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ وزيرن جڊيشل اڪيڊمي پهچڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ليگي ڪارڪن ۽ عهديدار وزيراعظم نواز شريف جو جڊيشل اڪيڊمي ٻاهران استقبال ڪندا. جڏهن ته حساس ادارن وزيراعظم جي پيشي جي موقعي تي ڪارڪنن جو اچڻ سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي اهلڪار سحري کانپوءِ جڊيشل اڪيڊمي ۽ ڀرپاسي پهچي ويندا، جڏهن ته ميڊيا جي نمائندن کي به اڄ صبح جو 7 وڳي پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اڪيڊمي ٻاهران سخت ڇڪتاڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي،

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *