Friday , March 29 2024

نواز شريف جي بيان کي ڀارتي ميڊيا غلط رنگ ڏئي پيش ڪيو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) وزيراعظم شاهد خاقان چيو آهي ته نواز شريف جي بيان کي ڀارتي ميڊيا پنهنجي مقصدن لاءِ غلط رپورٽ ڪيو، بدقسمتي سان اسان سياسي مقصدن لاءِ اُن اشو کي جاري رکيو، ملڪ کي ايٽمي قوت ڏيندڙ نواز شريف لاءِ غداري جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڪنهن کي به حُب الوطني جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اختيار نه آهي، ڀلي ڪميشن ٺاهي وڃي ته جيئن سڀ شيون واضح ٿين. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نواز شريف کي حب الوطني جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، ڀارتي ميڊيا نوازشريف جي انٽرويو کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، وضاحت اچڻ بعد معاملو ختم ٿيڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته نوازشريف ائين ناهي چيو ته پاڪستان مان دهشتگرد ڀارت ويا هئا، ڪجهه ڳالهائڻ ۽ بداخلاقي ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي.هن چيو ته ڀارتي اخبارن نواز شريف جي انٽرويو کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو، بدقسمتي سان اسان جي ميڊيا به ڀارتي ميڊيا جي پوئواري ڪئي آهي. هن چيو ته مس رپورٽنگ ٿي آهي، جنهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، سلامتي واري معاملي کي سياست لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. نواز شريف بابت جيڪي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، انهن ڳالهين ۾ ڪا به سچائي ناهي، وضاحت کانپوءِ هاڻي معاملو ختم ٿيڻ گهرجي.وزيراعظم  شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن اخبار پڙهي وڃي ها ته اهڙيون ڳالهيون نه ٿين ها.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *