Friday , April 19 2024

نوازشريف،مريم نواز، حسن ۽ حسين نواز خلاف ايون فيلڊس ريفرنس، احتساب عدالت جمعي تي فيصلو ٻڌائيندي

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) اسلام آباد جي احتساب عدالت نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت فيصلو 6 جولاءِ تي ٻڌائيندي، عدالت حسن ۽ حسين نواز کي پيش نه ٿيڻ تي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪئي، ٻڌڻي دوران شريف ڪٽنب جو وڪيل خواجا حارث ۽ واجد ضياءَ پيش ٿيا. احتساب عدالت نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت پاران فيصلو 6 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو.

احتساب عدالت پاران مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز جي حتمي دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي 9 مهينا 20 ڏينهن هلي، جنهن دوران مجموعي طور تي 18 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جن ۾ پناما جي آءِ ٽي جو سربراهه واجد ضيا به شامل هو. 19 آڪٽوبر 2017 تي مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر تي سڌو سنئون فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو، جڏهن ته نواز شريف جي عدم موجودگي تي سندس نمائندي ظافر خان ذريعي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز کي پيش نه ٿيڻ تي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *