Friday , March 29 2024

نقيب الله قتل ڪيس، ٻن شاهدن ملير جي عدالت ۾ بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيا

ملير ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي هٿان ڪوڙي مقابلي ۾ ماريل نوجوان نقيب الله محسود  جي قتل ڪيس ۾ ٻن شاهدن ملير جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پنهنجا بيان ريڪارڊ ڪرايا.شاهدن جو چوڻ هو ته کين رائو انوار اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو هو. ايس ايس پي انويسٽيگيشن ، نقيب الله قتل ڪيس ۾ ٻن اکين ڏٺن شاهدن کي فوجدار ي جي ايڪٽ 164 تحت بيان قلمبند ڪرايا، جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت شاهدن جا بيان ريڪارڊ ڪيا. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا،ٻنهي شاهدن پنهنجن بيانن ۾ عدالت کي ٻڌايو ته نقيب الله ۽ ٻين سان گڏ کين به حراست ۾ ورتو ويو هو ۽ کين سخت تشدد کانپوءِ ڇڏيو ويو.هنن ٻڌايو ته بعد ۾ کين ٻڌايو ويو ته رائو انوار نقيب الله کي پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي. عدالت بيان ريڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ بيان سيل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف  سپريم ڪورٽ پاران ملير جي هٽايل ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري لاءِ 3 ڏينهن جي مهلت باوجود پوليس کيس گرفتار نه ڪري سگهي، رائو انوار جي گرفتاري لاءِ  ٽيم اسلام آباد  پهتل، پنجاب ۽ ڪي پي ڏانهن به ٽيمون روانيون، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا رائو انوار جي گرفتاريءَ لاءِ پاڪ فوج کان به مدد گهري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *