Wednesday , April 24 2024

ناظم جوکيو ۽ فهميدا سيال قبيلائي جهيڙن ۾ قتل ٿيا: پ پ ايم پي اي امداد پتافي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي ٽنڊي الهيار مان چونڊيل ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير امداد پتافي، شهيد ناظم جوکيو جي قتل کي ذاتي دشمني ۽ قمبر جي خيرپور جوسو ۾ قتل ڪيل ناري فهميدا سيال جي قتل کي قبيلائي تڪرار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ايم پي اي امداد پتافي چيو ته ناظم جوکيو ۽ فهميدا سيال قبيلائي تڪرارن تان قتل ٿيا آهن، انهن کي هڪ پارٽي سان ڳنڍڻ پيپلزپارٽي دشمني آهي. سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ ڳالهائيندي امداد پتافي ناظم جوکيو ۽ فهميدا سيال جي قتل کي پنجاب ۾ ٽي ايل پي جي ڌرڻن دوران شهيد ٿيل پنجاب پوليس جي اهلڪارن سان ڳنڍيندي وڌيڪ چيو ته، پنجاب ۾ ٽي ايل پي هڪ هفتو شهر بند ڪري ڇڏيا، پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪيو پي ٽي آءِ وارا اُتي اوهان چپ هيا اهو ٻٽو معيار آهي، جيڪو قبول ناهي، ناظم ۽ فهيمدا سيال جي معاملي کي پيپلزپارٽي دشمني ۾ اشو بڻايو پيو وڃي.

ياد هجي ته شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو، ايم پي اي ڄام اويس جوکيومک جوابدارن طور نامزد ٿيل آهن، قمبر جي خيرپور جوسو ۾ گهر تي حملو ڪري قتل ڪيل عورت فهميدا سيال جي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي گنهور اسراڻ جو والد غلام شهيد اسراڻ مک جوابدار آهي، جنهن کي پوليس اڃا تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *