Thursday , April 25 2024

چونڊڪو ويجهو هٿياربندن جو حملو، فنڪشنل ليگ اڳواڻ خادم آرادين ٻن ملازمن سميت زخمي

فيض گنج / خيرپور (رپورٽ: ضياءَ آرائين سنڌسماءَچار) نارو جي چونڊڪو واري علائقي ۾ واري علائقي ۾ هٿياربندن جي حملي فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي صلاحڪار خدم آرادين، منشي ۽ محافظ سميت زخمي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور سول اسپتال داخل، ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته خادم آرادين کي سيني ۾ گولي لڳل آهي، جنهن جا هڪ کان وڌيڪ آپريشن ٿيندا. خدم آرادين آچر ۽ سومر جي وچ واري رات جو دير ساان پنهنجي ڳوٺ ڪمڙائو کان چونڊڪو طرف وڃي رهيو هو ته رستي ۾ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن سندس گاڏي تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ خادم آرادين سندس منشي سوڍل آرادين ۽ محافظ مولابخش آرادين زخمي ٿي پيا، ڊرائيور کين فوري طور تي خيرپور سوال اسپتال پچايو، جتي ٽنهي ڄڻن کي ابتدائي طبي امداد ڏني وئي. اسپتال جي عملي موجب خادم آرادين کي هڪ گولي سيني ۾ لڳل آهي، جن هن جا هڪ کان وڌيڪ آپريشن ٿي سگهن ٿا، رات دير سان آخري اطلاعن تائين خادم آرادين جو آڦريشڻ هلندڙ هو.

خادم آرادين تي ٿيل حملي جو اطلاع ملڻ شرط نارو، ڪوٽڏيجي، پيرجوڳوٺ، گمبٽ ۽ خيرپور سميت مختلف علائقن مان فنڪشنل ليگ جا مقامي اڳواڻ، ڪارڪن ۽ فنڪشنل ليگ جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ سول اسپتال پهچي ويا، جيڪي اسپتال ۾ ئي موجد آهن، اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته خادم آرادين کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *