Thursday , March 28 2024

نئون ديرو: ماڻهن جي روپ ۾ بگهڙن وحشتن جي انتها ڪري ڇڏي

نئين ديري ۾ وحشت جو نشانو بڻيل زارا منگي جي وارثن وٽ ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو

لاڙڪاڻو(رپورٽر   سنڌسماءَچار) نئين ديري ۾ ماڻهن جي روپ ۾ رهندڙ بگهڙن 10 ورهين جي نياڻي کي مبينا طور وحشت جو نشانو بڻائڻ بعد رَسي سان گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن پاران جوابدارن جي نشادهي ڪرڻ باوجود لاڙڪاڻو پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، ايس ايس پاران جوابدارن تائين پهچڻ جي سکڻي دعويٰ، نياڻي جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم دير سان ڪرڻ ۽ ميڊيڪل رپورٽ دير سان جاري ڪرڻ تي وارثن ۽ ڳوٺاڻن جو اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج، ڌرڻو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. نئون ديرو جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ موريه فقير ۾ هڪ ٽيوب ويل وٽان نينگري بيبي عرف زارا منگي جو پاچڪي ۾ بند پيل لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن جي اطلاع تي نئون ديرو پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينيٽر پهچايو. جتان پوسٽ مارٽم بعد جزا روهڙي اماڻيا ويا.

پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نينگري کي پلاسٽڪ جي رسي سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي جو چوڻ آهي ته زيادتي جي تصديق لاءِ جزا ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، جتان رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي خبر پوندي ته نينگري سان زيادتي ٿي آهي يا نه. وارثن پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ جلد مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن کين ٻڌايو ته حتمي رپورٽ اچڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو آهي، فوري طور نه ٿي ملي سگهي، جنهن تي مڇريل ماڻهن اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي.

وحشت جو نشانو بڻائڻ بعد بيدردي سان قتل ڪيل نياڻي بيبي عرف زارا جي وارثن جو چوڻ آهي ته، نينگري کير وٺڻ لاءِ ڀرواري شيراز موريو وارن جي گهر وئي هئي، جتان واپس نه موٽي، ڳولا ڪرڻ بعد ڳوٺ ڀرسان زيتونن جي باغ مان ٻوري ۾ بند سندس لاش مليو. هنن چيو ته ان گهر ۾ شيراز موريو نالي هڪ نوجوان ۽ سندس نابين والد موجود هئا، ٻيا گهرڀاتي ٻاهر ويل هئا. نينگري جي وارثن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته شيراز موريو نينگري سان زيادتي بعد کيس قتل ڪيو آهي، پر پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد قانوني ڪارروائي ڪنداسين. نينگري جي وارثن جي الزام بعد شڪي جوابدار شيراز موريو فرار ٿي ويو. ايس ايڇ او نئون ديرو علي حسن مغيري جو چوڻ آهي ته وارثن پاران شڪ ظاهر ڪرڻ شرط ئي جوابدار جي گهر ڇاپو هنيو ويو پر هو اڳواٽ ئي فرار ٿي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *