Thursday , April 25 2024

مڪاني چونڊن ۾ پ پ لاءِ پريشانين جي شروعات، 8 ڊي آءِ جيز بدلي

پوليس توڙي سيڪريٽري سطح جي ڪامورن جون صوبي بدر بدليون ٿيڻيون ته روٽيشن پاليسي تحت ئي هيون پر انهن کي مقرر وقت کان دير سان ڪرڻ جو به هڪ خاص مقصد آهي: سينئر ڪامورا

 هڪ ڏينهن سنڌ جي هڪ اهم وفاقي عهديدار / آفيسر سومر ڏينهن پنهنجو عهدو سنڀاليو ۽ ٻئي ڏينهن سنڌ ۾ ڪامورن جون روٽيشن پاليسي جي جواز واري بنياد تي وڏي پئماني تي صوبي بدري جا حڪم مخصوص پاليسي جو حصو آهن: ذريعا

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران مڪاني چونڊن جي اعلان کانپوءِ روٽيشن پاليسي تحت سنڌ پوليس جا 8 ڊي آءِ جيز هڪ ڌڪ ۾ بدلي، 20 هين گريڊ جي 7 ڊي آءِ جيز جون خدمتون پنجاب ۽ خيبرپختونخوا حوالي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن صوبي ۾ مارچ 2022 ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد روٽيشن پاليسي تحت سنڌ حڪومت جي انتهائي اعتماد واران 8 ڊي آءِ جيز کي روٽيشن پاليسي تحت صوبي بدر ڪيو ويو آهي،  گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سنڌ حڪومت ۽ بعد ۾ عدالتي حڪمن سبب روٽيشن پاليسي تحت پوليس آفيزرز جي بدلين جو معاملو رولڙي جو شڪار هو، ان سان گڏ سيڪريٽري سطح جي ڪامورن جون بدليون به رڪيل هيون.

چيف سيڪريٽري سنڌ صوبي ۾ مقررسينئر ڊي آءِ جيز جون خدمتون پنجاب جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن جن ۾ ڊي آءِ جي ڪراچي ايسٽ ثاقب اسماعيل ميمڻ جون خدمتونخيبرپختونخوا صوبي حوالي ڪيون ويون آهن، ليفٽيننٽ رٽائرڊ مقصود احمد جون خدمتون پنجاب،ڊي آءِ جي محمد نعمان صديقي ۽  عبدالله شيخ جون خدمتون به ڪي پي صوبي جي حوالي ڪريون ويون آهن. ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد اڪبر رياض، ڊي آءِ جي سي آءِ اي نعمان صديقي، نعيم احمد شيخ، ۽ عمر شاهد جون خدمتون بلوچستان صوبي حوالي ٿي ويون آهن. اهڙي ئي طرح پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي مان به 20هين گريڊ جي 7 ڊي آءِ جيز کي بدلي ڪري سنڌ صوبي جي حوالي ڪيو ويو آحي، جنهن جي مقرري سنڌ حڪومت جي اختيار ۾ هوندي، سنڌ آيل ڊي آءِ جيز ۾ ڪي پي مان محمد ڪريم خان، پنجاب مان محمد زبير دريشڪ، سهيل اختر،انعام وحيد ۽ زعيم اقبال شيخ، ڪي پي مان عبدالغفور آفريدي کي بدلي ڪري سندن خدمتون سنڌ صوبي حوالي ڪيون ويون آهن.

اهڙي طرح روٽيشن پاليسي تحت 20هين گريڊ جي سيڪريٽرين خالد حيدر شاهه، ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي ، زاهد عباسي ۽ سيد حسن نقوي کي به سنڌ بدر ڪري سندن خدمتون پنجاب ۽ ڪي پي جي حوالي ڪيون ويون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ ڪامورن کي صوبي بدر ڪيو ويندو.

سياسي معاملن تي نظر رکندڙ ڪامورن جو چوڻ آهي ته پوليس توڙي سيڪريٽري سطح جي ڪامورن جون صوبي بدر بدليون ٿيڻيون ته روٽيشن پاليسي تحت ئي هيون پر انهن کي مقرر وقت کان دير سان ڪرڻ جو به هڪ خاص مقصد آهي، انهن ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪرائڻ جا بهانا به اصل قوتن پاڻ پيدا ڪيا. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن سنڌ جي هڪ اهم وفاقي عهديدار / آفيسر سومر ڏينهن پنهنجو عهدو سنڀاليو ۽ ٻئي ڏينهن سنڌ ۾ ڪامورن جون روٽيشن پاليسي جي جواز واري بنياد تي وڏي پئماني تي صوبي بدري جا حڪم مخصوص پاليسي جو حصو آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته هاڻي سنڌ حڪومت لاءِ ايندڙ مڪاني چونڊن توڙي عام اليڪشن ۾ مسئلا پئدا ٿي سگهن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *