Thursday , March 28 2024

مير منظور پنهور بخشاپور جي ڊومڪي برادري ۾ 27سالن کان جاري خوني تڪرار ختم ڪرائي ڇڏيو

جيڪب آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) بخشاپور ۾ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن معاملي تان 27 سالن کان هلندڙ خوني جهيڙي جو راڄوڻي ذريعي فيصلو ڪري ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو ويو آهي، مير منظور پنهور جي سربراهي ۾ ٿيل جرڳي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 17 خونن ۽ زخمين سميت ٻئي نقصان جو مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 63 لک رپيا مقرر ڪيو ويو آحي، ڌريون ڏنڊ واري رقم ايندڙ سال جون مهيني تائين ٽن قسطن ۾ رقم ادا ڪرڻ جون پابند هونديون. اڳوڻي صوبائي وزير مير منظوور خان پنهور جي سرپئنچي هيٺ ڳوٺ آدم خان پهنور ۾ ڊومڪي برادري جي جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني جهيڙي جو نبيرو ڪيو ويو آهي. سردار منظور خان پنهور جي سرپئنچي هيٺ ٿيل جرڳي ۾ خادم حسين ڊومڪي واري ڌر طرفان سردار احمد علي ڀنگوار ۽ رسول بخش ڦلواڻي ڊومڪي جي ڌر پاران غوث بخش ڊومڪي مشير طور شريڪ ٿيا، جرڳي دوران رسول بخش ڊومڪي ڌر مٿان 12 خون ۽ ھڪ زخمي ثابت ٿيو. جرڳي ۾ مرد جي في خون جي بھا 15 لک ٻارن جا 15 لک جڏهن ته عورتن جي في خون بها 30 لک طئي ڪيو ويو. جنهن مطابق الزام هيٺ آيل رسول بخش ڦلواڻي ڊومڪي ڌر تي 2 ڪروڙ 86 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.

خادم بڊاڻي ڊومڪي واري ڌر تي 5 خون ۽ ھڪ زخمي ثابت ٿيڻ تي 76 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ھڪ واٽھڙو زخمي جو هڪ لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ٻنھي ڌرين جي 17 قتل ۽ زخمين جو مجموعي طور 3 ڪروڙ 63 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. رسول بخش ڊومڪي ڌر جي 5 خونن ۽ ھڪ زخمي جا 76 لک قتلن ۾ پاڙيا ويا، جڏهن ته خادم ڊومڪي جي ڌر 5 لک روپيا ٿڌي تي معاف ڪري ڇڏيا. بقايا 2 ڪروڙ 4 لک رپيا رسول بخش ڊومڪي جي ڌر 3 قسطن ۾ خادم ٻڊاڻي ڊومڪي ڌر کي ادا ڪندي. نبيري جي فتويٰ ڪريم ڏنو بڊاڻي پڙھي ٻڌائي. نبيري ۾ سرپئنچ، مشيرن ۽ چڱن مڙدن پاران فيصلو ٻنهي ڌرين قبول ڪري سمورا ويڇا ختم ڪري ڇڏيا. نبيري ۾ اهو به طئه ڪيو ويو آحي ته، راڄوڻي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڌر تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ لڳايو ويندو. ياد رھي ته ٻئي ڌريون رشتي ۾ ماما ڀاڻيجا آهن ۽ بخشاپور جي ڳوٺ لطف ڊومڪي ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ 1993ع دوران ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو شروع ٿيو، جنهن ۾ رسول بخش جي ڌر خادم ڊومڪي ڌر جي گهرن کي باھ ڏني هئي جنهن ۾ 7 عورتن ۽ 3 ٻارن سميت 12 ڄڻا قتل ٿي ويا هئا ۽ ھڪ زخمي ٿيو ھو، جڏهن ته پلاند ۾ خادم ڊومڪي واري ڌر رسول بخش ڊومڪي جي ڌر جا 5 ماڻهو قتل ڪيا ويا ۽ ھڪ زخمي ٿيو، ٻنهي ڌرين جي جهيڙي ۾ ھڪ واٽهڙو به زخمي ٿيو هيو. ڊومڪي برادري جي ٻنھي جھڙيندڙ ڌرين کي بخشاپور کان ڪشمور /ڪنڌڪوٽ پوليس جي 3 موبائلن جي سخت پھري جرڳي واري هنڌ آندو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *