Friday , March 29 2024

موت جو راڪاس ”ڪاري ڪامڻ“ تيزي سان وڌڻ لڳي، سوا ڪروڙ کان وڌيڪ موت جي در تي بيٺل

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ ۾ پيڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ، صحت جي سهولتن جي کوٽ،  غير محفوظ علاج جي طريقن، بي ڌياني جا جنسي لاڳاپا سان گڏ سنڌ  حڪومت جي لاپرواهين سبب سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ ( سائي) جو مرض موت راڪاس بڻجي ويو آهي، سنڌ ۾ سوا ڪروڙ کان وڌيڪ، مرد، عورتون، نوجوان ۽ وڏي عمر توڙي ٻار موت جي دروازي تي بيٺل آهن. جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن مطابق ڪاري ڪامڻ جي رجسٽرڊ مريضن جو انگ 90 لک آهي. ڪاري ڪامڻ جو انتهائي مهانگو علاج سنڌ ماڻهن کي ديسي طريقن واري علاج يا موت جي انتظار ڪرڻ مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سرڪار رجسٽرڊ مريضن مان ڪاري ڪامڻ جي مريضن مان هڪ سيڪڙو مريضن کي علاج جون سهولتون ڏئي سگهي آهي.

ڪاري ڪامڻ/ سائي جي موتمار مرض بابت مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري رپورٽس مطابق پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مريض سنڌ ۾ آهن، جنهن مطابق سنڌ جي ڪُل آبادي جو 15 سيڪڙو حصو ڪاري ڪامڻ ۾ ورتل آهي. هن مرض جو مک ڪارڻ پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ، جَرَ جي پاڻي ۾ انتهائي خطرناڪ زهريلو مادو ”سينکيو“ هجڻ، واٽر سپلاءِ جي پاڻي ۾ صنعتن جو گند ڪچرو ۽ گٽرن جو گند/انساني فضلو مليل هجڻ آهي. ان سان گڏوگڏ، صحت جي سهولتن جي کوٽ،  غير محفوظ علاج جي طريقن، بي ڌياني جا جنسي لاڳاپا، رت جي منتقلي جا غير محفوظ طريقا به ڪاري ڪامڻ جي ڦلهجڻ جا ڪارڻ آهن. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪاري ڪامڻ جو مک ڪارڻ پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ آهي پر ان سان گڏ، شهرن اندر ڪاري ڪامڻ جو هڪ ٻيو اهم ڪارڻ گٽر جي پاڻيءَ تي پيدا ٿيندڙ سبزيون به آهي، جيڪي سڌيءَ ريت جگر تي اثر انداز ٿي ڪاري ڪامڻ جو مرض پيدا ڪن ٿيون.

ڊاڪٽرن موجب مختلف مرضن جي علاج وقت غير محفوظ علاج جنهن ۾، هڪ ئي سرنج/سئي ڪيترن ئي مريضن لاءِ استعمال ڪرڻ، رت جي کوٽ وقت مريضن کي لڳائي ويندڙ / منتقل ٿيندڙ غير محفوظ رت، جنسي لاڳاپا خاص طور تي غير محفوظ جنسي لاڳاپا رکڻ، عطائي ڊاڪٽرن جو انتهائي غير محفوظ علاج وارو طريقو به ڪاري ڪامڻ جي ڦلهجڻ جو ڪارڻ آهي، جيڪو مڪمل صحتمند انسان کي به پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏي ٿو. الڪوحل/شراب جو ججهي مقدار ۾ استعمال به جگر جي بيماري/ ڪاري ڪامڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي.

 ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪاري ڪامڻ جي مرض سان جگر/ جيرو سڌو سئون متاثر ٿئي جيڪو ڪاري ڪامڻ جو وائرس لڳڻ بعد ڳرڻ/ڀُرڻ شروع ٿي ويندو آهي. ان جو اڪيلو علاج جگر/جيري جي پيوندڪاري ئي آهي، ان کانسواءِ ان جو ٻيو علاج ئي ناهي. جگر جي پيوندڪاري ڀارت سميت ڪجهه ٻين ملڪن ۾ ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو علاج انتهائي مهانگو هجي ، جيڪو غريب ماڻهو ته ڇا پر لوئر مڊل ۽ مڊل ڪلاسي ماڻهن لاءِ انتهائي پريشاني يجو ڪارڻ بڻجي  جگر جي پيوندڪاري ڀارت سميت ڪجهه ٻين ملڪن ۾ ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو علاج انتهائي مهانگو هجي ، جيڪو غريب ماڻهو ته ڇا پر لوئر مڊل ۽ مڊل ڪلاسي ماڻهن لاءِ انتهائي پريشاني جو ڪارڻ بڻجي ٿو. سنڌ حڪومت پاران ڪاري ڪامڻ جي علاج لاءِ شسرپوع ڪيل پروگرام جي سالياني بجيٽ صرف 90 ڪروڙ رپيا مختص ڪئي وڃي ٿي، ان پروگرام تحت سڄي سنڌ ۾ ڪوجود 90 لک مريضن مان رڳو 10 هزار مريضن کي به مشڪل سان علاج جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون. ڪاري ڪامڻ جي مرض جي مختلف ٽيسٽن/ طبي چڪاس جون خانگي ليبرايٽرين مان 18 سئو کان 3 هزار رپين ۾ جڏهن ته وڏين خانگي ليبارٽرين مان اها ٽيسٽ 7 هزار کان 10 هزار رپين تائين ٿي سگهي ٿي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻن جو هڪ ٻيو ڪارڻ پنجاب جي ميانوالي ۽ رحيم يار خان وارن علائقن ۾ قائم ڪارخانن جو زهريليو پاڻي سنڌو درياهه ذريعي سنڌ ۾ اچڻ به آهي. ان سلسلي ۾ هڪ سروي مطابق 563 ملين ٽن فرٽيلائيزس جو زهريلو پاڻي ۽ مادو ۽ 70 هزار ٽن پيسٽيسائيڊس جو زهريلو پاڻي ميانوالي ۽ رحيم يار خان کان سنڌو درياهه ۾ داخل ٿئي ٿو. اهو پاڻي سال جي 12 مهينن مان 10 مهينا لاڳيتو سنڌو درياهه ۾ ڇڏيو وڃي ٿو جيڪو پاڻي زراعت جي استعمال سان گڏ پيئڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو سڌو سئون صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار هجڻ سان گڏ زراعت جي به تباهي جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ان لاءِ به سنڌ حڪومت پاران پنجاب توڙي وفاقي حڪومت سان ناهي ڳالهايو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *