Friday , April 19 2024

موبائل فون تي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا جا واقعا، قصو ڇا آهي؟

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ موبائل فون تي هرکجي اغوا ٿيڻ جي واقعن ۾ پوليس اهلڪار ملوث هئڻ جو انڪشاف، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته موبائل فون تي عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ وارن واقعن ۾ ڏوهارين جي ساٿاري پوليس جا اهلڪار ملوث آهن. گذريل ٻن سالن کان سنڌ ۾ موبائل فون ڪالز ذريعي عورتاڻي آواز تي ماڻهن سان ڳالهائي کين هرکائي پنهنجي علائقي ۾ گهرائي ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، ان عرصي دوران هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهو اغوا ٿي چڪا آحن، جن مان اڪثر ماڻهو ڀنگ ڀري آزاد ٿيا آهن، جن جي آزادي بابت حد جي پوليس روايتي طور تي اها دعويٰ ڪندي رهندي آحي ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري اغوا ٿيل شخص کي ڌاڙيلن وٽان ڇڏايو ويو آهي.

موبائل فون ذريعي عورتاڻي آواز ۾ فون ڪري ماڻهن کي سڏائي اغوا ڪرڻ واري معاملي جي جڏهن سنڌسماءَچار پاران جاچ ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ جڏهن سي پي او ۾ وڏو عرصو اهم عهدن تي رهندڙ رٽائرڊ پوليس آفيسر سان رابطو ڪيو ته هن نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته “ موبائل فون تي عورتاڻي آواز ذريعي هرکجي اغوا ٿيڻ واري معاملي جو هڪ ايڊيشنل آءِ جي سي آءِ ڊي پوليس جي ٻن ايماندار اهلڪارن کي قصي جي مڪمل جاچ ڪرڻ تي لڳايو، پر اها سڄي ڪارروائي ”پرائيويٽ“ هئي جنهن ۾ سرڪاري مداخلت نه هئي، انهن ٻنهي اهلڪارن جي ذاتي حيثيت ۾ ڪجهه پوليس آفيسرز ٽيڪنيڪل مدد ضرور ڪئي“ . هن ٻڌايو ته، “ هڪ هفتي جي جاچ دوران معاملي جي جيڪا به ڄاڻ ملي ان ۾ اغوا جي انهن وارداتن جا پيرا اسانجي ئي پٽي ڀائين ڏانهن ويا، اوچتو انهن  ٻن اهلڪارن مان هڪ تي ڪجهه الزام لڳا ۽ هُو معطل ٿي ويو، جنهن مان ان معاملي سان لاڳاپيل آفيسر سمجهي وياسين ته اهو معطلي واري قصي جي پويان ان معاملي جي جاچ جو ئي ڪارڻ آهي، جنهن کانپوءِ اها جاچ اُتي ئي رهي، ٻه ٽي مهينا ڇڏي اسان پاڻ ۾ ئي چندو ڪري ڪجهه ڏئي وٺي ان اهلڪار کي بحال ڪرائي هٿ ڪڍياسين.”

ڀلا جيتري جاچ ٿي ان جو نچوڙ ڇا نڪتو؟ واري سوال تي ان آفيسر چيو ته ” نچوڙ وري ڇا نڪتو اوهان به سمجهي سگهو ٿا، پوليس ۾ اهڙا کوڙ سارا رڳو هيٺئين درجي جي اهلڪار ي نه پر کوڙ سارا آفيسر به آهن  جن جو ڏوهارين، پاٿاريدارن ۽ ڏوهارين جي سرپرست سياسي ماڻهن سان ويجهو واسطو آهي بلڪه اُهي انهن جا خاص ماڻهو هوندا آهن، واسطن جيڪري اُهي پاڻمرادو به کوڙ سارا اهڙا ڪم ڪندا آهن جيڪي قانون جي نظر ۾ ڏوهه تصور ڪيا ويندا آحن پر جيئن ته کين پنهنجي ڀرپور پٺڀرائي جي پڪ هوندي آهي ته هُو ڪجهه به ڪري ڇڏيندا آهن“، هن آفيسر ٻڌايو ته ” موبائل فون تي عورتاڻي آواز تي ماڻهن سان رانگ نمبرز تي ڳالهائي ڪجهه ڏينهن پنهنجي ڳالهين ۾ ڦاسائي نيٺ کين ملڻ جو چيو ويندو آهي، جيڪي اچي انهن جي ڄار ۾ ڦاسندا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ”ان سڄي واردات جي پويان انهن ئي ڏوهارين سان واسطا رکندڙ پوليس اهلڪارن جو ئي ڪردار هجي ٿو، انهن اغوا جي واقعن ۾ پوليس اهلڪارن جو ڏوهاري ذهن شامل آهي، جيڪڏهن سمورن ڪيسن جي مڪمل طور تي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي ۽ لاڳاپيل ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت سمورن اهلڪارن جو ٽريڪ رڪارڊ ۽ موبائل فونز جو رڪارڊ جاچيو وڃي ته سڄي ڪهاڻي هڪ مهيني اندر سامهون اچي ويندي، پر ائين ٿيندو ڪونه“

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *