Friday , April 19 2024

مهڪ عرف عليزا کي چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر منتقل ڪرڻ جو حڪم،مذهبي جماعتن جي هڙتال

مهڪ عرف عليزا کي چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر منتقل ڪرڻ جو حڪم،مذهبي جماعتن جي هڙتال

جيڪب آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪجهه هفتا اغوا بعد زبردستي مذهب تبديل ڪرائي مسلمان ڪيل نينگري مهڪ ڪماري عرف عليزا کي عدالت ٽن سالن چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر ڪراچي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مذهب مٽائي پسند جي شادي ڪندڙ مهڪ ڪماري کي ڪراچي جي چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر منتقل ڪرڻ ۽ سندس نڪاح واري معاملي جي جاچ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آحي، عدالتي حڪم خلاف جميعت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي سميت ٻين مذهبي جماعتن جي سڏ تي جيڪب آباد شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي شهر جوڪاروهنوار بند رهيو.

جيڪب آباد جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت نينگري مهڪ ڪماري عرف عليزه جي ڪيس تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. عدالت مهڪ ڪماري کي ڪراچي جي چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته کيس ٻن ڏينهن اندر سينٽر منتقل ڪيو وڃي، جڏهن ته وومين ڊولپمينٽ اٿارٽي سنڌ جي سيڪريٽري کي مهڪ کي ترسائڻ جا انتظام ڪري روزاني بُنيادن تي سندس سار لهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو نينگري مهڪ ڪماري عرف عليزا جي ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته، مهڪ ڪماري کي ڪراچي جي چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر منتقل ڪيو وڃي، کيس حفاظت ۾ ٻن ڏينهن اندر سينٽر منتقل ڪري سندس تحفظ کي به يقيني بڻايو وڃي.

عدالت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي مهڪ ڪماري جو نڪاح ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن مهڪ ڪماري بالغ نه آهي ته ساڻس پسند جي شادي ڪندڙ علي رضا سولنگي ۽ سهولتڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. فيصلو ٻڌائڻ وقت نينگري مهڪ ڪماري دارالامان اختيارين جي حراست ۾ ويٺل رهي، جڏهن ته مهڪ ۽ نوجوان علي رضا سولنگيءَ جا وڪيل عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا. عدالتي فيصلي کانپوءِ نينگري مهڪ ڪماري کي سخت سيڪيورٽي ۾ دارالامان اُماڻيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *