Friday , March 29 2024

مني لانڊرنگ جي آءِ ٽي:20 ڪامورا،15 ٺيڪدار ۽ سياستدانن جا نالا شامل؟؟

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) جعلي اڪائونٽس ذريعي اربين رپين جي مني لانڊرنگ واري ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي  رپورٽ ۾ سنڌ حڪومت جا بااثر ڪامورا، سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جي ٺيڪيدارن ۽ واپارين جا نالا به شامل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اڪنامڪ ڪرائيم ونگ احسان صادق جي سربراهي ۾ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) پاران جاچ رپورٽ بابت سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، جاچ ٽيم پنهنجي رپورٽ ۾ اهم ماڻهن جا نالا مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجڻ بابت تفصيل ڏنا آهن. ذريعن وٽان مليل معلومات مطابق، جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل رڳو اڳوڻوصدر آصف علي زرداري سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، اومني گروپ جي انور مجيد سندس پُٽن جي ملوث هجڻ بابت تفصيل شامل نه آهن، پر انهن سان گڏ سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جي ڪامورن، سنڌ سرڪار جي بااثر ٺيڪيدارن، ڪنسٽرڪشن ڪمپنين، نجي  ڪمپنين جي مالڪن، بااثر سياستدانن جا به نالا شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته، سنڌ حڪومت جي ڪجهه بااثر سياسي ماڻهن جا به نمالا شامل آهن، جيڪي پردي پٺيان مختلف کاتن جو سمورو ڪارونهوار هلائيندا رهيا آهن.

سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، زرداري گروپ لميٽيڊ ڪمپني جو سي اي او پيپلزپارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي پر، هن کي جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻ لاءِ 2 دفعا ليٽر لکيا ويا ته هو نه آيو ۽ نه ئي هن سوالن جا جواب ڏنا. رڳو ايترو جواب موڪليو ته اُنهن معاملن بابت مون کي ڪا خبر ئي نه آهي. جي آءِ ٽي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ ايم پي اي فريال ٽالپر جا بيان به جي آءِ ٽي جو حصو بڻايا آهن ۽ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته هنن ڪنهن به سوال جو ڪو خاص جواب نه ڏنو. ساڳي وقت اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد ۽ هن جي پُٽ اي جي مجيد بابت به جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هنن سوالن جا صحيح جواب نه ڏنا، جڏهن ته بئنڪار حسين لوائي ۽ طحيٰ رضا توڙي سلطاني گواهه ٿي بيٺل ڪيترن ئي بئنڪ مئنيجرن جا به بيان جي آءِ ٽي جو حصو بڻايا ويا آهن. جي آءِ ٽي جي ذريعن موجب بئنڪ مئنيجرن پنهنجي بيانن ۾ چيو آهي ته هو بئنڪن جا ملازم هئا ۽ اُنهن جو سربراهه حسين لوائي هو، اُهو ئي کين اڪائونٽ کولڻ لاءِ حڪم ڏيندو هو. ڪاغذ ۽ سڃاڻپ صحيح نه هجڻ جي باوجود سندس حڪم تي اڪائونٽ کوليا ويا هئا، اسان جو ڪوبه ڏوهه نه آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ شگر ملن جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته شگر ملن جو رڪارڊ غائب ڪيو ويو ۽ جڏهن جي آءِ ٽي هڪ شگر مل تي ڇاپو هنيو ته اُتي رڪارڊ ساڙي اُن جي مٿان هر هلايو ويو هو. جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به ذڪر ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جي آفيسرن کي گهُرائي اُنهن کان به پُڇا ڳاڇا ڪئي وئي، ڪافي معاملن ۾ سنڌ حڪومت پاران رڪارڊ ڏيڻ کان لنوايو ويو، پر جاچ دوران اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته سنڌ ۾ ڏنل مختلف ٺيڪن جي ڪميشن طور رقم اُنهن جعلي اڪائونٽس جي ذريعي بااثر ماڻهن کي منتقل ڪئي وئي.

ياد رهي ته ميگا مني لانڊرنگ ڪيس 2013ع جي هڪ سورس رپورٽ تي 5 سالن کانپوءِ 2018ع ۾ شروع ٿيو. 2013ع ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي فنانشل مانيٽرنگ يونٽ جي هڪ سورس رپورٽ آئي هئي ته مشڪوڪ قسم جون ٽرانزيڪشن بئنڪن ۾ ٿي رهيون آهن، اُها رپورٽ ايف آءِ اي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ۾ داخل ته ڪئي وئي پر اُن تي انڪوائري نه ڪئي وئي. بعد ۾ 2018 ۾ اُن تي انڪوائري شروع ڪئي وئي ۽ ايف آءِ اي جي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل هڪ ڪيس به داخل ڪيو، جنهن ۾ اهو چيو ويو ته اومني گروپ جي انور مجيد توڙي ٻين ۽ زرداري گروپ پرائيويٽ لميٽيد جي اڪائونٽس ۾ اربين رپين جي مني لانڊرنگ ٿي آهي. اُن ڪيس ۾ مختلف ماڻهن پاران اُنهن اڪائونٽس ۾ پئسا جمع ڪرائڻ ۽ وري انهن پئسن جي ٻين اڪائونٽن ۾ منتقلي سميت کوڙ سارا معاملا ظاهر ٿيا، ان ايف آءِ آر جي شروعاتي چالان کانپوءِ جنهن ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي فائدو حاصل ڪندڙن ۾ ڄاڻايو ويو هو ۽ انور مجيد، حسين لوائي توڙي ٻين کي به ملزم طور ظاهر ڪيو ويو هو. اهڙي رپورٽ جو سپريم ڪورٽ پاران نوٽيس ورتو ويو ۽ جعلي اڪائونٽن جي مڪمل جاچ ٽاسڪ ڏئي جي آءِ ٽي جوڙِ وئي هئي. جنهن پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ شگر ملز جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته شگر ملن جو رڪارڊ غائب ڪيو ويو ۽ جڏهن جي آءِ ٽي هڪ شگر مل تي ڇاپو هنيو ته اُتي رڪارڊ ساڙي اُن جي مٿان هر هلايو ويو هو. جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به ذڪر ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جي آفيسرن کي گهُرائي اُنهن کان به پُڇا ڳاڇا ڪئي وئي، ڪافي معاملن ۾ سنڌ حڪومت پاران رڪارڊ ڏيڻ کان لنوايو ويو، پر جاچ دوران اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته سنڌ ۾ ڏنل مختلف ٺيڪن جي ڪميشن طور رقم اُنهن جعلي اڪائونٽس جي ذريعي مُک ماڻهن ڏانهن وئي. ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ انور مجيد، سندس پٽ اي جي مجيد، حسين لوائي ۽ طاحه شاهه گرفتار ٿي چڪا آهن. جي آءِ ٽي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي جاچ ۾ اسڪينڊل جي بينيفشري طور شامل ڪري سندن بيان به ريڪارڊ ڪري چڪي آهي. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ٻه ڀيرا جي آءِ ٽي آڏو پيش به ٿي چڪا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *