Friday , March 29 2024

”منهنجي ڪرونا ٽيسٽ مثبت آئي آهي، گهر اندر ئي آئسوليٽ ٿي ويو آهيان“: بلاول ڀٽو زرداري

بلاول ڀٽو زرداري جي ڪرونا وائرس ۾ مبتلا هئڻ واري خبر سنڌسماءَچار24 ۽ 25 نومبر جي وچئين رات دير سان بريڪ ڪري چڪي آهي

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڪرونا وائرس ۾ مبتلا هئڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، (سنڌسماءَچار هڪ ڏينهن اڳ بلاول جي ڪرونا ۾ مبتلا هئڻ جي خبر هلائي چڪي آهي) پنهنجي ٽويٽ ۾ بلاول چيو آهي ته “مون کي ڪرونا وائرس جون معمولي قسم واريون نشانيون ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڪرونا جي ٽيسٽ ڪرائي هئي، جيڪا مثبت آئي آهي، ڪرونا جي تصديق کانپوءِ پاڻ کي گهر اندر ۾ ئي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي”، بلاولبڌپنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته، “ مان پنهنجو ڪم گهر مان ويهي ڪندو رهندس، پر پيپلزپارٽي جي يوم تاسيس واري جلسي ۾ شرڪت نه ڪندس ۽ جلسي کي وڊيو لنڪ تي اوهان سان گڏ هوندس ۽ خطاب به ڪندس، اوهان سڀ ماسڪ پايو، مان جلد اوهان سان گڏ هوندس؛ انشاءَالله“.

ڀاد رهي ته سنڌسماءَچار هڪ ڏينهن اڳ يعني24 ۽  25 نومبر جي وچ واري رات جو دير سان بلاول جي ڪرونا ۾ مبتلا هئڻ واري خبر ڏئي چڪي آهي.

خبر به سڀني کان پهريان ۽ خبر جي اندر به خبر……

 

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪرونا ۾ مبتلا، گهر ۾ آئسوليٽ

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *